پاڪ ڀارت دنگل: وزيراعظم عمران خان به قومي ٽيم جي فتح لاءِ پراميد

0
186

ٽي ٽوينٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت خلاف مهادنگل ۾ قومي ٽيم جي ڪاميابي لاءِ وزيراعظم عمران خان به پراميد آهي ۽ هن نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو آهي

وزيراعظم عمران خان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني ٽيم ۾ ٽيلنٽ موجود آهي ۽ قومي ٽيم ڀارت خلاف ڪاميابي ماڻيندي. عمران خان چيو ته دعا آهي ته قومي ٽيم کي ڪاميابي ملي ۽ انشاءَ الله ڀارت کان ضرور کٽينداسين.

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽي ٽوينٽي ورلڊ ڪپ جي ميچ سڀاڻي آچر ڏينهن کيڏي ويندي ۽ ان مها دنگل لاءِ ٻنهي ٽيمن زبردست تياريون ڪيون آهن