خورشيد شاهه سينٽرل جيل سکر مان آزاد، گلن جي ورکا سان آجيان

0
210
خورشيد شاهه سينٽرل جيل سکر مان آزاد، گلن جي ورکا سان آجيان
خورشيد شاهه سينٽرل جيل سکر مان آزاد، گلن جي ورکا سان آجيان

سکر: آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ گرفتاري بعد 25 مهينن تائين قيد ڀوڳيندڙ پيپلزپارٽي جي ايم اين اي ۽ اڳوڻي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه کي سينٽرل جيل سکر مان آزاد ڪيو ويو آهي

سپريم ڪورٽ مان ٻه ڏينهن اڳ ضمانت جي منظوري بعد اڄ سکر جي احتساب عدالت خورشيد شاهه جي آزاديءَ جو حڪم نامو جاري ڪيو هو. سپريم ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ خورشيد شاهه جي هڪ ڪروڙ روپين جي مچلڪن واري ضمانت منظور ڪندي سندس آزاديءَ جو حڪم ڏنو هو. خورشيد شاهه جي پٽ اڄ عدالتي حڪم تحت هڪ ڪروڙ روپين جا مچلڪا جمع ڪرايا

اڳوڻي اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه کي سينٽرل جيل سکر مان ضمانت جي ڪاغذن تي صحيح ڪرڻ لاءِ احتساب عدالت آندو ويو، جتي عدالت سپريم ڪورٽ جي آرڊر جي تصديق کانپوءِ خورشيد شاهه جي آزاديءَ جا حڪم جاري ڪيا. خورشيد شاهه کي ٻيهر جيل اماڻيو ويو، جتي آزادي بابت عدالتي حڪم نامي جو روبڪار ملڻ بعد کيس آزاد ڪيو ويو. خورشيد شاهه جي آجيان لاءِ سوين جيالا جيل آڏو گڏ ٿي ويا هئا

خورشيد شاهه جي جيل کان ٻاهر اچڻ تي جيالن پاران مٿس گلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ نعريبازي پڻ ڪئي وئي. خورشيد شاهه کي 2019 ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو هو