پاڪستان ۾ فنڪارن کي وقت تي معاوضو نه ڏيڻ جو ٽرينڊ آهي: سونيا

0
309
پاڪستان ۾ فنڪارن کي وقت تي

ڪراچي(شوبز نيوز) سونيا حسين چيو آهي ته پاڪستان شوبز ۾ اهو تمام ٽرينڊ آهي ته فنڪارن کي وقت تي معاوضو ناهي ملندو. سونيا حسين ايڪسپريس انٽرٽينمنٽ کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ته هن جي ۽ فلم ٽچ بٽن جي پروڊيوسر عروه حسين جي وڪيل ۽ مون وچ ۾ معاوضي جا معاملا طئي ٿي ويا آهن

سونيا چيو ته جيڪڏهن ايئن پهريون ٿئي ها ته ڳالهه ايستائين نه وڃي ها. سونيا حسين چيو ته پاڪستان ۾ تمام گهڻو ٽرينڊ آهي ته فنڪارن کي معاوضو وقت تي نه ڏنو ويندو، ڪنهن کي اهو قدم کڻڻو هو مان اهو قدم کنيو ۽ قانوني نوٽيس عروه حسين کي موڪليو

پنهنجي رت پگهر جي ڪمائي پنهنجا پئسا گهرڻ ۾ ڪهڙو شرم شايد هاڻي مون کان پوءِ ٻيا فنڪار به ان حوالي سان ڳالهائي سگهندا