لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين پاران جمهوري قوتن لاءِ ڳالهين جا در کليل رکڻ جو اعلان، عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي مستقبل خاطر جمهوري قوتن لاءِ ڳالهين جا در کُليل آهن، فوج سان جهيڙو ناهي، رڳو احتساب معاملي تي مسئلو پيدا ٿيو، ملڪي نظام هلائڻ لاءِ وزيراعظم کي اختيار ڏيڻا پوندا. لاهور ۾ صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته ڪڏهن به اتحادي حڪومت نه ٺهڻ گهرجي نه ته بليڪ ميل ٿيندا رهنداسين، 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت هجي ته وزيراعظم مضبوط هوندو آهي، فوج مثبت انداز ۾ بهترين ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، اسان جو فوج سان ڪوبه جيهڙو ناهي، رڳو احتساب جي معاملي تي مسئلو پيدا ٿيو. حملي بابت عمران خان چيو ته وزيرآباد حملي جي داخل ڪيل ايف آءِ آر کي عدالت ۾ چيلنج ڪندس، جن ماڻهن کي نامزد ڪيو آهي، جيڪڏهن اهي بي گناهه هوندا ته جاچ ۾ نڪري ويندا، مونکي خبر هئي ته قتل ڪرايو ويندو، مونکي علم هو ته وزيرآباد يا گجرات ۾ حملو ڪيو ويندو، ان ڪري وڊيو رڪارڊ ڪرائي رکي آهي، جنهن جو ذڪر جلسن ۾ به ڪري چڪو آهيان. هن چيو ته مونکي مارائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو، جڏهن اسان مضبوط ٿي وياسين ته ٻيو منصوبو تيار ڪيو ويو ته مونکي مذهبي انتهاپسندي جي نالي تي نشانو بڻايو وڃي، جيئن سلمان تاثير کي قتل ڪيو ويو، اهڙي سازش جو جلسن ۾ به ٻڌايو هو ته سلمان تاثير وانگر مونکي مارڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو آهي. هن چيو ته پنجاب حڪومت کي جوابدار نويد جي حفاظت ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي، جوابدار نويد جو بيان ڪوڙ تي ٻڌل آهي ۽ ڪوڙ جا ڪي به پير ناهن هوندا، عمران تحريڪ لبيڪ جي اڳواڻ سعد رضو ي جو ذڪر ڪندي چيو ته هن پاڻ کي سهڻي نموني سان جوابدار نويد کان الڳ ڪري ڇڏيو. صحافي سوال ڪيو ته آرمي چيف جي ملازمت مدي ۾ واڌ ٿيندي؟ جنهن تي عمران خان چيو ته اهو بلين ڊالرز جو سوال آهي، ان کان اڳ عمران خان جمهوري قوتن لاءِ پنهنجا درواز کُليل رکڻ جو اعلان ڪندي چيو ته منزل جي ويجهو پهچي ويا آهيون، موت جو خوف روڪي نه ٿو سگهي. هڪ  ٽوئيٽ ۾ عمران خان چيو ته پرامن جدوجهد ۽ ڳالهين جو مقصد حقيقي آزادي حاصل ڪرڻ آهي، عمران خان ٽوئيٽ ڪندي چيو ته پاڪستان جي مستقبل لاءِ تحريڪ انصاف جا سمورن جمهوريت پسند قوتون لاءِ در کُليل آهن، عدل انصاف، قانون جي حڪمراني ۽ پرڏيهي غلامي مان ڇوٽڪارو اسانجي حقيقي آزادي واري جدوجهد ۾ شامل آهن.

ڪراچي: تحريڪ انصاف چيئرمين چيو آهي ته هڪ سال تائين اليڪشن جو انتظار ڪري سگهان ٿو پر ملڪي معيشت ان جي اجازت نه ٿي ڏئي، ترڪ ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته جيتري قدر پي ٽي آءِ سياست جو سوال آهي ته آئون سال تائين اليڪشن جو انتظار ڪري سگهان ٿو، ڇاڪاڻ اسانجي ڏينهون ڏينهن عوام جي حمايت وڌي رهي آهي پر ملڪي حالتون اهڙيون ناهن جو ايترو وقت ڏنو وڃي، خدشو آهي ته پرڏيهي قرضن سان ملڪ ڏيوالو نه ٿي وڃي، ان ڪري ملڪ خاطر هڪ ئي حل آهي ته جلد کان جلد چونڊون ڪرايون وڃن. حملي جي ايف آءِ آر داخل نه ٿيڻ بابت سوال تي عمران خان چيو ته آئون ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي جو سربراهه آهيان، اڳوڻو وزيراعظم آهيان، پنجاب ۾ پنهنجي پارٽي جي حڪومت آهي پر ان باوجود ٽن ڏينهن گذرڻ باوجود مون تي حملي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، ڇاڪاڻ پوليس نامزد ڪيل ٽئي نالا شامل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، منهنجو حق آهي ته مونکي انصاف ملي ۽ پتو پوي ته پنجاب حڪومت کي ڪير هلائي رهيو آهي؟، آئون چاهيان ٿو ته چيف جسٽس ان معاملي جي آزاداڻي جاچ ڪرائي، هي ملڪ ۾ قانون جي بالادستي جو سوال آهي. هن چيو ته اليڪشن ذريعي پرامن انقلاب آندو وڃي، ووٽ ذريعي عوام کي حڪومت آڻڻ جو حق ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ ٻيو طريقو سڀني لاءِ خطرناڪ آهي، معاملا سڀني جي هٿن مان نڪري ويندا.