ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽي 20 ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي، جنهن لاءِ ٻئي ٽيمون ڀرپور پريڪٽس ۽ تياريون ڪري رهيون آهن. جڏهن ته ٻنهي ٽيمن جا رانديگر پاڻ ۾ رلي ملي به رهيا آهن ۽ اهڙيون وڊيوز به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي. گذريل ڏينهن پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيم سيريز جي تيارين لاءِ پريڪٽس سيشن ڪيو ۽ ان موقعي تي رانديگرن ميڊيا سان ڳالهه ٻول به ڪئي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ به سوشل ميڊيا تي ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن ۽ ڪوچنگ اسٽاف جي هڪٻئي سان سهڻي نموني ملڻ ۽ ڳالهائڻ جون وڊيوز شيئر ڪيون آهن. وڊيوز ۾ ڪٿي شان مسعود کي انگلش بيٽسمين ايلڪس هيلز سان ڳالهائيندي ڏسي سگهجي ٿو ته ڪٿي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين حارث انگلش ٽيم جي ڪپتان جوز بٽلر سان ملندي ڏٺو ويو. پاڪستان جي ٽيم جي هيڊ ڪوچ ثقلين مشتاق انگلش اسپنر عادل رشيد ۽ معين علي جي آجيان ڪئي. بعد ۾ ملاقات ۾ پاڪستان جو بيٽنگ ڪوچ محمد يوسف به شامل ٿي ويو. ٻئي طرف پاڪستان کان ٽي 20 سيريز ۾ انگلش ٽيم ابتدائي ميچن ۾ سينئر بالرن کي آرام ڏئي نون بالرن کي موقعو ڏيندي. برطانوي ميڊيا موجب انگلش بارلر ريس ٽاپلي کي گوڏن ۾ سور آهي، پهرين ٽي 20 ۾ سندس شرڪت مشڪوڪ آهي. جڏهن ته ڪرس ووڪس ۽ مارڪ ووڊ به نه کيڏندا. ٻئي انجري مان رڪور ٿي رهيا آهن. ورلڊ ڪپ جي ڪري انهن رانديگرن کي احتياط سان استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.