ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان کي رڳو ٽاپ تهري تي ڀاڙڻ واري عادت ختم ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته بابراعظم ۽ محمد رضوارن نمبر ون جوڙي آهي، ٻنهي ڪيتريون ئي ميچون کٽرايون آهن، ٻنهي کي رنسن لاءِ اپروچ کي بهتر ڪرڻو پوندو. پاڪستان جو کيڏڻ جو انداز مڊل آرڊر سان زيادتي آهي، ان سان مڊل آرڊر تي دٻاءُ ايندو آهي، مون شعيب ملڪ کي گذريل سال ئي رٽائر ٿيڻ جي صلاح ڏني هئي، مون کي اندازو هو ته کيس عزت نه ملندي کيس سليڪٽ نه ڪرڻ تي مون کي مايوسي ٿي آهي.