ملتان(اسپورٽس نيوز) نيشنل ٽي20 جي اهم ميچ ۾ فيورٽ ڪي پي جي ٽيم ناردرن کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي. نارٿين جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي ناصر نواز جي 72، عمر ايمن جي 32 ۽ تيمور سلطان جي 21 رنسن جي مدد سان 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن تي 164 رنسون ٺاهيون. ڪي پي جي ارشد اقبال 2، عباس آفريدي ۽ خالد عثمان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ ڪي پي جي ٽيم رحمت آفريدي جي ففٽي ۽ صاحبزاده فرحان جي 39 ۽ محمد سرور جي 37 رنسن جي مدد سان 19 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ورتو ۽ فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.