لاهور (م ڊ) لاهور جي هڪ عورت وڪيل آسٽريا ۾ ويانا جسٽيشيا ايوارڊ کٽي ورتو، جيڪو عورت وڪيلن کي سندن خدمتن ۽ بهترين  ارڪردگي جي ڪري  ڏنو ويندو آهي. عورت وڪيل ندا عثمان لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته 17 ملڪن مان 80 عورت وڪيلن کي ان ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو جن مان مون سميت 12 عورتن کي چونڊيو ويو، هوءَ ڏکڻ ايشيا مان چونڊيل اڪيلي عورت هئي. هن چيو ته 10 سيپٽمبر تي ويانا ۾ ايوارڊز جي آن لائين تقريب ٿي، جنهن ۾ جسٽيشيا ايوارڊ ملڻ وڏو اعزاز آهي، هن اهو اعزاز پاڪستان جي نالي ڪيو. ندا عثمان جو چوڻ هو ته هوءَ ڪيترن ئي ورهين کان هڪ تنظيم تحت پاڪستاني عورت وڪيلن لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، کيس خدمتن عيوض اهو ايوارڊ مليو.