ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پرڳڻي جي 11 يونيورسٽين ۾ ڊائريڪٽر فنانس جي عهدي تي نئين ڀرتين کان روڪي ڇڏيو، پٽيشنر عبدالرشيد ملاح پاران هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن  داخل ڪرائي يونيورسٽين ۾ ڊائريڪٽر فنانس جي ڀرتين کي روڪڻ جي استدعا ڪئي وئي هئي، جنهن تي عدالت ڀرتين کي روڪڻ جو حڪم ڏيندي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جي سيڪريٽري کي 20 سيپٽمبر تي ذاتي طور طلب ڪري ورتو آهي، واضح رهي ته سنڌ جي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز واري کاتي پاران 11 مادرعلمين مهراڻ يونيورسٽي، قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي، صوفي يونيورسٽي، سنڌ مدرسته الاسلام، گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد، شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو، بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري، بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي سکر، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظير آباد، شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور ۽ شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽس، ڊزائين ۽ هيريٽيج ڄامشورو جي ڊائريڪٽر فنانس لاءِ اميدوارن کان درخواستون گهرايون ويون هيون،  رپورٽن موجب 128 اميدوارن درخواستون جمع ڪرايون، سرچ ڪاميٽي 57 اميدوارن کي اهل قرار ڏيندي کين انٽرويو لاءِ 14 کان 16 سيپٽمبر تائين گهرايو هو، ڊي ايف جي عهدي جي  اميدوارن ۾ قاضي خالد حسين جوڻيجو، امداد الدين صديقي، ڊاڪٽر آصف علي، غلام سرور، عبدالمالڪ ناريجو، حاڪم زرداري، عبدالرحيم سولنگي، هارون احمد ڪلهوڙو، تيمور قاضي، امداد علي، انيل ڪمار، منير احمد سيهڙ، ذيشان ميمڻ، ابوذر قاسم قاضي، محمد عمران خان، اقبال پيربخش، شڪيل شيخ، عبدالحميد، محمد دانش، فيصل غوث شاهه، نديم شڪور، طالب حسين، عبدالرشيد ملاح، نديم سولنگي، زوهيب ممتاز، سيد سمير سبطين، عرفان عباسي، محمد يونس ميتلو، فياض حسين ، منظور سيال، حامد علي شاهه، احسان علي خشڪ، عبدالناصر صديقي، فهيم احمد ٻگهيو، نوشاد احمد، محمد خرم صديقي، مختيار علي شيخ، سيد صاد حسن، عامر انصاري، سيد فائق حسين موسوي، گل محمد، طارق علي، ڪاظم حسين، فياض الله ڏاهري، اسد نبي عرف عبدالرشيد، سيد جهانزيب، محمد حنيف، شريف الله، نثار نوناري، درياءِ خان، سفير علي، شڪيل احمد چنا، نثار احمد ميمڻ، عرفان علي شيخ، محمد اشرف ابڙو، علي بخش ۽ عبدالحفيظ سولنگي شامل هئا، ذريعن موجب شارٽ لسٽ ڪيل 57 مان 6 اميدوار مقرر ڪيل اهليت تي پورو نٿا لهن، انهي باوجود کين انٽرويو لاءِ شارٽ لسٽ ڪيو ويو آهي،