پاڪستان جي ترقي روڪيندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، 1993 ۽ 1999 ۾ مون کي ڇو ڪڍيو ويو؟: نواز شريف

0
113
پاڪستان جي ترقي روڪيندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، 1993 ۽ 1999 ۾ مون کي ڇو ڪڍيو ويو؟: نواز شريف
پاڪستان جي ترقي روڪيندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، 1993 ۽ 1999 ۾ مون کي ڇو ڪڍيو ويو؟: نواز شريف

…..پاڪستان جي ترقي روڪيندڙن جو احتساب ٿيڻ گهرجي، 1993 ۽ 1999 ۾ مون کي ڇو ڪڍيو ويو؟ ڇا مون کي ان ڪري ڪڍيو ويو جو مون ڪارگل جنگ جي مخالفت ڪئي؟ وقت ثابت ڪيو ته اسان غلط نه هئاسين، ڪجهه ڪردارن ترقي ڪندڙ پاڪستان کي برباد ڪيو

نون ليگ جي سربراهه نواز شريف جون لاهور ۾ پارٽيءَ جي پارلياماني بورڊ جي اجلاس دوران ڳالهيون، نواز شريف چيو ته اسان جي دور ۾ معيشت بهتر ۽ ترقي عروج تي هئي، ڪجهه اهڙا ڪردار سامهون آيا جن ڊوڙندڙ پاڪستان کي بيهاري ڇڏيو،

مان انهن ماڻهن کان پڇڻ چاهيان ٿو ته توهان ائين ڇو ڪيو؟ هڪ اناڙيءَ کي آڻي ملڪ کي ڇو تباهه ڪيو ويو؟ 2022 ۾ شهباز شريف اچي واڳون نه سنڀالي ها ته پاڪستان ڊفالٽ ڪري ها، بجليءَ جي لوڊشيڊنگ اسان لاءِ سدائين مسئلو رهيو آهي، اناڙي شخص اسان لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ وارو مسئلو به پيدا ڪري ويو، اقتدار ۾ اچي عوام کي ڀرپور رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين