ڪنڌڪوٽ (رپورٽر ) ڪنڌڪوٽ ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن سجاد سھرياڻي۽ اياز  مفت سبزي نه ڏيڻ تي مبينا طور تشدد ڪري ھڪ پورھيت کي رتورت ڪري ڇڏيو. ميونسپل ملازمن جي ناجائزين خلاف ريڙھي تي سبزي ھلائيندڙ پورھيتن امانت علي ملڪ ۽ ٻين احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته ميونسپل ملازم سجاد سھرياڻي، علي رضا ۽ اعجاز سبزي ۽ فروٽ ھلائيندڙن کان 3000 ھر مھيني ڀتو وصول ڪرڻ جي الزام ۾ اڳوڻي ڊي سي منورعلي مٺياڻي برطرف ڪيو ھو. هنن چيو ته ٻيھر ساڳيا ئي ميونسپل جا ملازم سفارش ۽ رشوت عيوض بحال ٿي مفت  سبزي فروٽ نه ڏيڻ تان امانت ملڪ کي لٺيون ھڻي زخمي ڪيو. ھنن ڊي سي ڪشمورڪنڌڪوٽ سميت عدليا ۽ اعليٰ اختيارين کان راشي ميونسپل عملي خلاف ڪاروائي ڪري انصاف جي گھر ڪئي آھي، ھنن چيو ته انصاف نه ٿيو ته ھڙتال ۽ احتجاج ڪيو ويندو.