اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان رمارڪس ڏنا آهن ته پاڪستان جي انصاف ۽ عالمي انصاف واري نظام ۾ وڏو فرق آهي، پاڪستان جي انصاف واري نظام ۾ بهتري اسان لاءِ وڏو چئلينج آهي. سپريم ڪورٽ ۾ رڪوڊڪ صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، منصوبي ۾ سيڙپڪار بيرڪ گولڊ ڪمپني جي وڪيل مخدوم علي خان دليل ڏيندي چيو ته رڪوڊڪ رٿا ذريعي مال جيئن ئي پورٽ تي پهچندو 85 سيڪڙو ادائيگي ٿي ويندي، مال جي باقي پندرنهن سيڪڙو ادائيگي منزل تي پهچڻ بعد مارڪيٽ ريٽ ۽ ڪوالٽي موجب ادائيگي ٿيندي. مخدوم علي خان چيو ته جيڪڏهن رڪوڊڪ منصوبي مان ڪاپر ۽ سون کانسواءِ معدنيات نڪتي ته طريقيڪار معاهدي ۾ لکيل آهي، جيڪڏهن ڪا ناياب معدنيات نڪتي ته حڪومت مارڪيٽ ريٽ تي خريد ڪري وٺندي، جيڪڏهن ڪائي اسٽريٽيجڪ معدنيات هٿ آئي ته حڪومت مفت ۾ حاصل ڪري سگهندي، جيڪڏهن زمين حاصل ڪئي وئي ته ادائيگي ڪمپني ڪندي جڏهن ته حڪومت سهولت فراهم ڪندي. ريڪوڊڪ منصوبي جي ڪنسٽرڪشن جو هڪ سيڪڙو جڏهن ته سالياني آمدني جو 0.4 سيڪڙو سماجي ڀائيواري تي خرچ ڪيو ويندو. ڪمپني رڪوڊڪ منصوبي کي مڪمل شفاف ۽ قانون پٽاندڙ ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪڏهن حڪومت ڪائي رعايت ختم ڪري ٿي ته اهو ڳجهي نموني نه پر پبلڪ نوٽيس ذريعي سرعام فيصلو ڪري. ٻڌڻي دوران جسٽس منيب اختر چيو ته ريڪوڊڪ منصوبي ۾ پنجاهه سيڪڙو شيئرز پاڪستان جا آهن تڪرار سان پاڪستان تي به اثر پوندو، چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته پاڪستان سرڪار جيڪو ڪري اهو عالمي قانون کي ڌيان ۾ رکي ڪري ٻي صورت ۾ ڪمپني وري عالمي ثالثي فورم ڏانهن هلي ويندي، جڏهن تڪرار عالمي فورمز تي پهچي ويندا آهن ته حل ڪرڻ ۾ گهڻا وسيلا خرچ ٿيندا آهن، پاڪستان جي عدالتي نظام ۽ عالمي عدالتي نظام ۾ وڏو فرق آهي، پرڏيهي سيڙپڪارن کي پڻ پاڪستان جي انصاف واري نظام تي اعتماد ڪرڻ کپي، پاڪستان انصاف واري نظام ۾ بهتري لاءِ قدم کنيا ويا آهن جنهن نتيجا تمام جلد نظر ايندا. بيرڪ گولڊ ڪمپني جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا جنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.