راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باوجوا چيو آهي ته ملڪ سنگين معاشي بحران جو شڪار آهي، ڪا به هڪ پارٽي ٻاهر نٿي ڪڍي سگهي، سموريون ڌريون ذاتي انا ڇڏي اڳتي وڌن، اوڀر پاڪستان فوجي نه سياسي ناڪامي هئي، جيڪڏهن پرڏيهي سازش ٿئي ها ته خاموش نه رهون ها، ڪوڙو ۽ جعلي بيانيو ٺاهي تنقيد ڪئي وئي، هاڻ يو ٽرن ورتو پيو وڃي. جنرل هيڊ ڪوارٽرز راولپنڊي ۾ يوم دفاع ۽ شهيدن جي مناسبت سان ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته آرمي چيف طور آخري خطاب ڪري رهيو آهيان ۽ 44 سالا ملٽري سروس تان رٽائر ٿي رهيو آهيان.کيس فخر آهي ته هو ڇهه سال فوج جو سپهه سالار رهيو، هن چيو ته فوج جو بنيادي ڪم ملڪ جي سرحدي حدن جي حفاظت ڪرڻ آهي پر پاڪ فوج سدائين پنهنجي مينڊيٽ کان وڌيڪ پنهنجي قوم جي خدمت لاءِ هر وقت حاضر رهي آهي،  ريڪوڊڪ وارو معاملو هجي يا فيٽف جا نقصان هجن يا ملڪ کي وائيٽ لسٽ سان ملائڻ يا فاٽا کي ضم ڪرڻ، بارڊر تي خاردار تارون لڳائڻ يا قطر کان سستي گئس مهيا ڪرائڻ يا دوست ملڪن کان قرض جاري ڪرائڻ هجي، ڪووڊ جو مقابلو يا ماڪڙ جو خاتمو، ٻوڏ دوران امدادي ڪارروائي هجي، فوج سدائين پنهنجي مينڊيٽ کان وڌيڪ قوم جي خدمت ڪئي آهي ۽ انشاءَ الله ڪندي رهندي. جنرل قمر جاويد باوجوا چيو ته اوهان کي خاطري ڪرايان ٿو ته انهن ڪمن باوجود فوج پنهنجي بنيادي ڪم ۽ دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ کان ڪڏهن به غافل ناهي ٿي، اوهان ڄاڻو ٿا ته اڄ اسان جي شهرن ۽ ٻهراڙي ۾ جيڪو امن آهي، ان پٺيان اسان جي هزارين شهيدن جون قربانيون آهن جيڪي ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن ڇو جو جيڪي قومون پنهنجي شهيدن کي وساري ڇڏينديون آهن انهن قومن جو وجود ختم ٿي ويندو آهي. آرمي چيف چيو ته اڄ هڪ اهڙي موضوع تي ڳالهائڻ چاهيان ٿو جنهن تي عام طور تي ماڻهو ڳالهائڻ کان پاسو ڪندا آهن ۽ اها ڳالهه 1971ع ۾ اسان جي فوج ۽ اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۾ ڪارڪردگي بابت آهي.هن چيو ته هتي ڪجهه حقيقتون درست ڪرڻ چاهيان ٿو، سڀ کان اڳ اوڀر پاڪستان هڪ فوجي نه پر سياسي ناڪامي هئي، وڙهندڙ فوجين جو انگ 92 هزار نه رڳو 34 هزار هو، باقي مختلف گورنمنٽس جي کاتن جا هئا ۽ انهن 34 هزار ماڻهن جو مقابلو اڍائي لک ڀارتي فوج، ٻه لک سکيا حاصل ڪيل مڪتي باهني سان هو پر ان باوجود اسان فوج بهادري سان وڙهي ۽ بي مثال قربانيون ڏنيون جنهن جو اعتراف اڳوڻي ڀارتي فوج جي سربراهه فيلڊ مارشل مانيڪشا پڻ ڪيو، انهن بهادر غازين ۽ شهيدن جي قربانين جو اڄ تائين قوم اعتراف ناهي ڪيو جيڪو هڪ وڏي زيادتي آهي.جنرل باجوا چيو ته مان اڄ ان موقعي مان فائدو کڻندي انهن سمورن غازين ۽ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪيان ٿو ۽ پيش ڪندو رهندس، اهي اسان هيرو آهن ۽ قوم کي مٿن فخر هئڻ گهرجي.آرمي چيف چيو ته آخر ۾ ڪجهه ڳالهيون سياسي صورتحال جي حوالي سان ڪرڻ چاهيان ٿو، مون ڪيئي سالن کان ان ڳالهه تي غور ڪيو آهي ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڀارتي فوج ڪندي آهي پر اتان جو عوام گهٽ ئي فوج کي تنقيد جو نشانو بڻائيندو آهي، ان جي ابتڙ اسان جي فوج ڏينهن رات قوم جي خدمت ۾ رُڌل رهندي آهي ۽ هر وقت تنقيد جو نشانو بڻجندي آهي، منهنجي ويجهو ان جو وڏو ڪارڻ 70 سالن کان فوج جي مختلف صورتن ۾ سياست مداخلت آهي جيڪا غير آئيني آهي، انڪري گذريل سال فيبروري ۾ فوج وڏي سوچ ويچار کانپوءِ فيصلو ڪيو ته اڳتي فوج ڪنهن سياسي معاملي تي مداخلت نه ڪندي.هن چيو ته مان اوهان کي يقين ڏياريان ٿو ته اسان ان تي سختي سان عمل ڪيو آهي ۽ اڳتي پڻ ڪندا رهنداسين پر آئيني عمل جي آجيان ڪرڻ بدران ڪيئي ڌرين فوج کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائي غيرمناسب ۽ غير اخلاقي ٻولي جو استعمال ڪيو، فوج تي تنقيد عوام ۽ سياسي پارٽين جو حق آهي پر لفظن جي چونڊ ۽ استعمال ۾ احتياط ڪرڻ کپي.آرمي چيف چيو ته هڪ جعلي ۽ ڪوڙي بيانيو ٺاهي ملڪ ۾ ٻڏتر واري صورتحال پيدا ڪئي وئي ۽ هاڻي ان ڪوڙي بيانيي تان يوٽرن ورتو پيو وڃي، سول ملٽري ليڊرشپ کي غيرمناسب لقبن سان نوازيو ويو، مان اوهان کي واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته فوج جي قيادت ڪجهه به ڪري سگهي ٿي پر ڪڏهن به ملڪ جي مفاد جي ڀڃڪڙي نٿي ڪري سگهي.پرڏيهي سازش واري معاملي تي ڳالهائيندي آرمي چيف چيو ته اوهان اهو سمجهو ٿا ته ملڪ ۾ هڪ پرڏيهي سازش ٿي هجي ۽ هٿياربند فوج هٿ تي هٿ رکي ويهي رهندي؟ اهو ناممڪن آهي پر اهو وڏو ڏوهه پڻ آهي ۽ جيڪي ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته هو فوج ۽ عوام ۾ ڏار وجهي ڇڏيندا اهي سدائين ناڪام ٿيندا فوج جي قيادت وٽ ان اڻوڻندڙ يلغار جو جواب ڏيڻ لاءِ تمام گهڻا موقعا ۽ ۽ وسيلا موجود آهن پر فوج ملڪ جي وسيع مفاد ۾ صبر جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪو به ناڪاري بيان ڏيڻ کان پاسو ڪيو.هن چيو ته اها ڳالهه سڀني کي ذهن ۾ ويهارڻ گهرجي ته صبر جي به هڪ حد هوندي آهي، مان پنهنجي ۽ فوج جي خلاف ان اڻوڻندڙ ۽ جارحاڻي رويي کان ڪن لاٽار ڪري اڳتي وڌڻ چاهيان ٿو ڇو جو پاڪستان اسان سڀني کان افضل آهي، ماڻهو ۽ پارٽيون اينديون وينديون رهنديون آهن پر پاڪستان انشاءَ الله سدائين قائم رهڻو آهي.آرمي چيف چيو ته مون کي اميد آهي ته اسان جون سياسي پارٽيون به پنهنجي رويي تي نظرثاني ڪنديون، اها پڻ حقيقت آهي ته پاڪستان ۾ هر اداري، سياسي پارٽي ۽ سول سوسائٽي کان به غلطيون ٿيون آهن، اسان کي انهن غلطين مان سکڻ گهرجي ۽ اڳتي وڌڻ گهرجي، مان دعويٰ سان چئي سگهان ٿوته پاڪستان اڄ سنگين معاشي بحران جو شڪار آهي ۽ ڪا به هڪ پارٽي پاڪستان کي ان معاشي بحران مان ڪڍي نٿي سگهي، انڪري سياسي استحڪام لازمي آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته تمام اسٽيڪ هولڊرز پنهنجي ذاتي انا هڪ پاسي رکي ماضي جي غلطين مان سکن ۽ اڳتي وڌن ۽ پاڪستان کي ان بحران مان ڪڍن.هن چيو ته ان سان گڏو گڏ اسان کي جهموريت جي روح کي سمجهندي اڻ سهپ وارو ماحول ختم ڪندي پاڪستان ۾ هڪ جهموري ڪلچر اختيار ڪرڻو آهي. هن چيو ته  2018ع  جي چونڊن ۾ ڪجهه پارٽين آر ٽي ايس جي ويهڻ جو بهانو بڻائي کٽيل پارٽي کي سليڪٽڊ جو لقب ڏنو ۽ 2022ع ۾ اعتماد جو ووٽ وڃائڻ کانپوءِ هڪ پارٽي ٻي پارٽي کي امپورٽڊ جو لقب ڏنو، اسان کي ان رويي کي رد ڪرڻو پوندو، هار کٽ سياست جو حصو آهي، هر پارٽي کي پنهنجي فتح ۽ ناڪامي قبول ڪرڻ جو حوصلو پيدا ڪرڻو پوندو ته جيئن ايندڙ چونڊن ۾ هڪ امپورٽڊ يا سليڪٽڊ گورنمنٽ بدران اليڪٽڊ گورنمينٽ اچي، جهموريت جي حوصلي، برادشت ۽ عوامي راءِ جي احترام جو نالو آهي، جيڪڏهن پاڪستان کي اڳتي وڌڻو آهي ته اسان کي عدم برداشت ۽ مان نه مڃان وارو رويو ختم ڪرڻو پوندو، اسان لاءِ پاڪستان خدا طرفان نعمت آهي، اسان جو وجود ۽ ان جي سلامتي ۽ بقا سان سلهاڙيل آهي، ان جي آزادي ۽ استحڪام لاءِ شهيدن لازوال قربانيون ڏنيون آحن، اسان جي مٿن فخر آهي، شهيدن جي پونيئرن جا ٿورائتا آهيون جن هن تقريب ۾ اچي هن تقريب کي رونق بخشي.