ڪراچي (م ڊ) پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهين کانپوءِ سڄي دنيا ۾ فنڊ ۽ امداد اچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ هاڻي آمريڪي انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي ڪمپني گوگل به ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ امدادي رقم گڏ ڪرڻ جي عالمي درخواست جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ سرچ انجڻ گوگل سڄي دنيا جي انٽرنيٽ واهپيدارن کان پندرهن ڊالر25 ڊالر ۽ 50 ڊالر امداد ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. ان اپيل ۾ سينٽر فار ڊزاسٽرس فلانٿراپي سي ڊي پي ۽ هيومن رائٽس واچ جي هڪ رپورٽ جو لنڪ به شامل آهي، جنهن ۾ پاڪستان کي فوري مالي امداد ڏيڻ جي حمايت ڪئي وئي آهي. سي ڊي پي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ چئني صوبن ۽ ملڪ جي لڳ ڀڳ پندرهن سيڪڙو آبادي کي متاثر ڪيو آهي. هيومن رائيٽس واچ جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهين کانپوءِ دنيا کي موسمي تبديلين سان منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي موسمي تبديلين جو سڀ کان وڌيڪ خطرو آهي. ايندڙ وقت ۾ پاڪستان کي سخت موسمي تبديلين ۽ سخت گرمي سان منهن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو.