اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪيترن ئي نوٽيسن ۽ عدالتي حڪمن بعد پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان عورت جج کي ڌمڪين واري ڪيس ۾ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿي ويو. جاچ ٽيم طرفان اڳوڻي وزيراعظم کي لکت ۾ 21 سوالن تي ٻڌل سوالنامو ڏنو ويو جڏهن ته پوليس طرفان ڪجهه زباني سوال پڻ ڪيا ويا. عمران خان کان جاچ ٽيم ايس ايس پي انويسٽيگيشن جي سربراهي ۾ اٽڪل ويهه منٽن تائين پڇاڳاڇا ڪئي. اڳوڻي وزيراعظم پنهنجي وڪيل ذريعي پهريان جمع ڪرايل بيان ٻيهر ڏئي ڇڏيو.عمران خان بيان ۾ چيو ته شهباز گِل تي تشدد جي حوالي سان جيڪا تقرير ڪئي اها دهشتگردي جي زمري ۾ نٿي اچي، جڏهن ته تقرير ۾ قانوني رستو اختيار ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ڪنهن به قسم جي ڌمڪي ناهي ڏني. عمران خان لکت ۾ بيان جي آءِ ٽي جي سربراهه جي حوالي ڪيو، بيان ۾ عمران خان موقف اختيار ڪيو ته منهنجي خلاف امپورٽڊ حڪومت جي دٻاءُ تي پوليس دهشگردي جو ڪيس داخل ڪيو. جاچ ٽيم پاران عمران خان کان سوال ڪيو ويو ته توهان پنهنجي تقرير دوران پوليس آفيسرن ۽ ماتحت عدليا جي عورت جج کي ڌمڪائي خوف ۽ هراس وارو ماحول پيدا ڪيو؟  جنهن تي اڳوڻي وزيراعظم جواب ڏيندي چيو ته اهڙي ڪا ڳالهه ناهي، مان ان سڄي ڪيس کي انتقامي ڪارروائي ۽ ڪوڙو سمجهان ٿو.عمران خان کان سوال ڪيو ويو ته ڇا اهو درست آهي ته اوهان تقرير ۾ چيو ته آءِ جي، ڊي آءِ شرم ڪريو؟ ڇا اهو درست آهي ته اوهان تقرير ۾ چيو ته زيبا چوڌري اوهان خلاف اسان ايڪشن وٺنداسين، جنهن تي عمران خان چيو ته ها مون ايئن چيو آهي، جاچ ٽيم سوال ڪيو ته ڇا اوهان کي علم آهي ته اوهان جي تقرير بعد ماتحت فورس ۾ خوف پيدا ٿيو؟ جنهن تي عمران چيو ته منهنجو مقصد ڊيڄارڻ ۽ خوف پکيڙڻ نه هو، جاچ ٽيم سوال ڪيو ته اوهان جي تقرير ۽ ڪيس بعد جاچ آفيسر کي ڊيڄاريو پيو وڃي؟ جنهن تي عمران چيو ته نه اها ڳالهه منهنجي علم ۾ ناهي. جاچ ٽيم سوال ڪيو ته شهباز گل ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي ان جو فيصلو اڃا اچڻو آهي، جنهن تي عمران خان چيو ته مون کي اها خبر آهي، جاچ ٽيم چيو ته اوهان جا اهي بيان دهشتگردي جي زمري ۾ اچن ٿا، جنهن تي عمران چيو ته منهنجو اهو مقصد نه هو، پوليس عمران خان جو بيان رڪارڊ ڪري جاچ جو حصو بڻائي ڇڏيو.