اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيترو تنگ ڪندا اوترو مضبوط ٿيندس، سڏ ڏنو ته حڪومت برداشت نه ڪري سگهندي، هن سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهي جو سنڌ سرڪار کي ذميوار به قرار ڏنو. ڪالهه جي آءِ ٽي ۾ پيشي کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته منهنجي اڄ جي آءِ ٽي ۾ پهرين پيشي ٿي. منهنجي خلاف دهشتگردي جا قلم لڳايا ويا. حڪومت کي پيغام ڏيان ٿو ته جيترو تنگ ڪندو اوتري وڌيڪ تياري ڪنداسين، اسان اوترا وڌيڪ مضبوط ٿينداسين، دهشتگردي جو ڪيس ۽ جي آءِ ٽي ۾ حاضري به هڪ مذاق کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته حڪومت کي پيغام ڏئي رهيو آهيان ته هن مهيني عوام جو سمنڊ نڪرندو. هر ڪم قانون ۽ آئين جي دائري ۾ رهي ڪيو وڃي. جيترو ڀت سان لڳائيندا اسان اوترو وڌيڪ مضبوط ٿينداسين. مان 26 سالن جي سياست ۾ ڪڏهن به قانون جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي. اسان آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ڪم ڪيو آهي، دنيا دهستگردي جي تعريف ڄاڻي ٿي. ڪيس سبب دنيا اسان مٿان کلي رهي آهي. هن چيو ته اسان کي چيو پيو وڃي ته ٻوڏ تي سياست نه ڪريو، ٻئي طرف مون کي ختم ڪيو پيو وڃي.
اسان کي سياسي فنڊ ڏيندڙن کي حراسان ڪيو پيو وڃي. تحريڪ انصاف چيئرمين وڌيڪ چيوته موجوده حڪمرانن کان معيشت نه پئي سنڀالجي. پاڪستان سريلنڪا جي نقش قدم تي هلي رهيو آهي. جڏهن مان سڏ ڏيندس ته حڪومت برداشت نه ڪري سگهندي. هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته حڪومت سان صرف صاف، شفاف چونڊن تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. معيشت جي بهتري جو حل صرف شفاف چونڊون آهن. سنڌ ۾ ٻوڏ بابت عمران خان چيو ته آر بي او ڊي 20 سالن کان ٺهي رهي آهي، واپڊا سيوهڻ تائين پنهنجو ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو، ان کان  اڳتي سنڌ حڪومت کي ٺاهڻو آهي اهو نه ٺهيو آهي، ٺهيل هجي ها ته اها تباهي نه ٿئي ها. سنڌ حڪومت سڀ کان پهرين ان کي مڪمل ڪري سيوهڻ کان سمنڊ تائين کڻي وڃي. واهن جو سسٽم بحال ڪيو وڃي، تونسا کي ضلعو بڻائڻ جو اعلان ڪيو وڃي. تباهي کي وفاقي حڪومت به منهن ڏئي صوبائي حڪومت جو ڪم نه آهي.