حڪومت ڇڏي روڊن تي آيس ته وڌيڪ خطرناڪ ٿيندس: عمران خان

0
186
عمران خان جو ڪينيڊين

ڪراچي (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بدقسمتي سان مخالف ڌر پارليامينٽ ۾ ڳالهائڻ نه ٿي ڏئي، ايوان ۾ اين آر او جو ڪرائوڊ ويٺو آهي، اتي ڳالهائي نٿو سگهان

”توهان جو وزيراعظم توهان سان“ جي لائيو ٽرانسميشن ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته هو هر مهيني عوام جي سڌي سنئين سوالن جا جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان پر بدقسمتي سان ائين نه ٿي سگهيو

عوام پاران پچيل سوالن جي جواب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مان ايوان ۾ ڳالهائڻ چاهيان ٿو پر مخالف ڌر مون کي ڳالهائڻ جي اجازت نٿي ڏيئي ۽ شور مچائيندي آهي

لائيو ٽرانسميشن ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته مهانگائي رڳو پاڪستان جو نه پر سڄي دنيا جو مسئلو آهي، جڏهن رپئي تي بار پوي ٿو ته اسان جيڪا درآمد ڪريون ٿا اها مهانگي ٿي وڃي ٿي

وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي سبب سڄي دنيا سپلائي بحران کي منهن ڏئي رهي آهي، برطانيا جي سالياني آمدني پاڪستان جي ڀيٽ ۾ 50 سيڪڙو وڌيڪ آهي پر اتي به خوراڪ جو بحران آهي

وزيراعظم چيو آهي ته جاپان ۾ مهانگائي جو 20 سالن جو رڪارڊ ٽٽو آهي، فرانس 13 سالن کان پوءِ تمام وڏي شرح آهي، جرمني ۾ مهانگائي جو 30 سالن جو رڪارڊ ٽثي ويو آهي، يورپ ۾ به 30 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي وڌي وئي

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي پگهاردار طبقي کي متاثر ڪيو آهي، پگهاردار طبقي جي مدد لاءِ راشن پروگرام کي وڌائينداسين، هاڻي ٽيڪس وصولي وڌين رهي آهي عوام جي مدد ڪنداسين

وزيراعظم چيو ته ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ 980 ارب رپين جو منافعو ٿيو آهي، ملڪ جي وڏن واپارين سان ملاقات ڪري کين ملازمن جون پگهارون وڌائڻ لاءِ چوندس، ڪارپوريٽ سيڪٽر کي گهرجي ته پنهنجي ملازمن جون پگهارون وڌائي، توهان هر وقت ڪنهن کي چريو نٿا بڻائي سگهو