ٽنڊوالھيار ۾ پوليس زيادتي ڪئي، ڪجهه ماڻھو لسانيت جي آڙ ۾ سياست ڪن پيا: مصطفيٰ ڪمال

0
362
ٽنڊوالھيار ۾ پوليس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اسان کان لوڪل گورنمينٽ بل تي اعتراض پڇيا ويا، اسان لسانيت جي نعري کي ختم ڪيو آھي، اسان جڏھن زيادتي جي ڳالهه ڪندا آھيون ته پيپلز پارٽي جو نالو کڻندا آھيون

ڪراچي ۾ پ پ اڳواڻن ۽ صوبائي وزير ناصر شاهه مصطفيٰ ڪمال سان ملاقات ڪري مڪاني بل بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن بعد پريس ڪانفرنس ڪندي مصطيٰ ڪمال چيو آهي ته ڪراچي کان ڪشمور تائين لوڪل گورنمينٽ جا اختيار ميئر تائين پھچائڻ جي ڳالهه ڪيون ٿا

هن چيو آهي ته ٽنڊوالھيار ۾ پوليس زيادتي ڪئي آھي، لساني فساد ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،  وري ڪجهه ماڻھو لسانيت جي آڙ ۾ پنھنجي سياست چمڪائڻ پيا چاھين ٿا، ان معاملي کي سيريس ورتو وڃي

هن چيو آهي ته ڀولو خانزادہ جي قاتلن کي فوري طور تي سزا ڏني وڃي، اسان جو وفد تڏي تي ويو ھو پر اسان ان کي لسانيت رنگ نه ٿا ڏيڻ چاھيون، ڀولو مھاجر ھو ۽ ماريندڙ سنڌي ھو ان کي ھوا ڏيڻ نه گھرجي، اھو سنڌي ۽ مھاجرن سان نه ڳنڌيو وڃي، ڪو ڪنھن به زبان جو ٿي سگھي ٿو، مظلوم ڪنھن به زبان جو ھجي مظلوم ھوندو آھي ۽ ظالم ڪنھن به زبان جو ھجي ظالم ھوندو آھي ان کي ڪنھن قوم سان نه ڳنڍيو وڃي

ھي به پڙھندا

ٽنڊوالهيار: ايس ٽي پي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارعدالت ٻاهران قتل