بلدياتي قانون کي بھتر بڻايو، اڃا به بھتري جي ضرورت آھي ته تيار آھيون: ناصر شاهه

0
168
شيخ رشيد جي ڪهڙي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير سيد ناصر شاهه چيو آهي ته اسان بلدياتي قانون کي تمام بھتر بڻايو آھي، پر اعتراض پيا ٿين ته ان ۾ اڃا وڌيڪ بھتري جي ضرورت آھي، جنھن لاءِ اسان تيار آھيون

ڪراچي ۾ مصطفيٰ ڪمال سان ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته ٽندو الهيار جي واقعي تي وڏي وزير نوٽيس ورتو آھي، جتي جتي اھڙي قسم جي زيادتي ٿي آھي اتي ايڪشن ورتو ويو

صوبائي وزير چيو آهي ته عورتن تي تشدد واري مامري تي به ايڪشن ورتو ويندو، پيپلز پارٽي لسانيت تي يقين نٿي رکي، مصطفيٰ ڪمال جي هي ڳالهه ڀلي آهي ته هي ڪڏهن به سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ناهي ڪئي، هميشه ڀائيچاري واري ڳالهه ڪئي آهي

هن چيو آهي ته جماعت اسلامي کي درخواست ڪئي ھئي ته ٿڌ جي موسم آھي، عورتون ۽ معصوم ٻارڙا آھن ان ڪري ڌرڻو ملتوي ڪيو وڃي، اسان قانون ۾ ترميم ڪيون پيا جيڪڏھن اھي منظور نه ھجن ته توھان ڀلي ڌرڻو ھڻجو، اسان ٻيھر جماعت اسلامي ڏي وينداسين