هاسٽل جون يادون ڪئمپس جا ڏينهڙا

0
261
ڪارونجھر-جا-ڪولھي-راسوڙا-۽-روپلو-ڪولھي

 يونيورسٽي واري عرصي ۾ آءُ جي ايم سيد ھاسٽل ۾ 2 سال رھيو ھيس ھڪڙو سال حسين ڀٽي منھنجو روم پارٽنر رھيوھو پوءِ ھر روز ڪنهن نه  ڪنهن ڳالھه تان اسان جو جھيڙو ھوندو ھو.جڏهن  ته ٿرڊ ايئر ۾لال شھباز ھاسٽل ۾ آءُ جئديو سوٽھڙ ۽ غلام مصطفيٰ ڀٽو روم پارٽنر ھوندا ھياسين. ھڪ ڀيرو لال شھباز ھاسٽل تي ھڪ ملاح ڪامريڊ کي مون ۽جئديو ٺاھوڪو ڪٽڪو ڏنو ھو . اسان دوستن جو ھر روز ڦاٽڪ تي ماني کائڻ جو معمول ھوندو ھو.اھڙي ريت ھاسٽل جي زندگي کي اسان دوستن خوب انجواءِ ڪيو.سچ پڇو اسان دوستن جي ڪچھرين ۽ گيتن جي گونجارن جا اھي لمحا ايترا ته حسين  ھئا جو انھن لمحن کي زندگي ۾ ڪڏھن به وساري نٿو سگھجي. انھن يادگار لمحن سان گڏ شاگرد سياست ڪندڙ ڌرين کي پرکڻ جو پڻ موقعو مليو.

شاگرد سياست جي آڙ ۾ قومپرست ذيلي تنظيمن پاران جيڪي جھيڙا جھٽا ٿيندا ھئا ته انھن جھيڙن جھٽن جي نتيجن ۾ يونيورسٽي اڪثر بند رھڻ ۽ بائيڪاٽ ڪلچر جھڙا واقعا پڻ سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿيندي ڏٺا. 1998ع ۾ جڏھن سنڌ يونيورسٽي ۾ عاشق جوڻيجو کي قتل ڪيو ويو تڏهن اُنهي ڳڀرو نوجوان جي قتل جو صدمو منھنجي روح ۾ رھجي ويو ۽ ذھن ۾ ضم ٿي ويو ھو. انھي درد جي ڪيفيت کي محسوس ڪندي مون کي حليم باغي جون اھي سٽون ياد اچڻ لگيون ھيون جيڪي ھن ڪمال راھمون جي شھادت تي لکيون ھيون. جيڪي ھن ريت ھيون.

اسان جي نگري سندين ڇتين تي لٽيل صبح جا اداس پاڇا.

گلن جي موسم ڪليون نه آنديون، بھارن آندا پٽن جا لاشا.

ان کان پوءِ لمس ۾ ترقي پسند پارٽي جي ھڪ نوجوان نظام مري جي قتل تي رات جو دير تائين فائرنگ ٿيڻ ۽ منهنجو 12فوٽن جي ھاسٽل جي ديوار تان ٽپو ڏيڻ کي آءُ اڄ به وساري  ڪونه  سگهيو آھيان . مون کي ياد آهي ته انھي رات 12 بجي ڌاري اسان  ھاسٽلون  خالي ڪري حيدرآباد ويا ھياسين.

2000ع ۾ جڏھن اسان سنڌ يونيورسٽي کي الوداع پئي ڪيو تڏھن سنڌ يونيورسٽي ۾ اسان الوداعي تقريبون پڻ منعقد ڪيون هيون .انھن تقريبن ۾ ھڪڙي  تقريب انڊس ھوٽل ۾ پڻ ٿي ھئي  ھن تقريب جو آرگنائيزر خادم حسين جلالاڻي ھو انھي پرگرام ۾راڳ رنگ جي محفل پڻ ٿي ھئي جنهن ۾صادق فقير۽ قادربخش مٺو پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ھو.انھي پروگرام ۾ قادربخش  مٺو بھترين ٽوٽڪا ٻڌايا ھئا.انڊس ھوٽل ۾ منعقد ڪيل اھا تقريب اڄ به  منهنجي ذھن جي نقش تي  اڪريل آهي .انھي شاندار الوداعي پارٽي جي  ڪمپئرنگ پڻ مون ڪئي ھئي  ۽ اھڙي ريت اسان دوستن ھڪ ٻئي کان موڪلايو ھو، سنڌ يونيورسٽي جا اھي يادگار لمحا ۽ يادگار واقعا دل ۾ سانڍي اسان لڙڪن، مرڪن ۽ ٽهڪن سنڌ يونيورسٽي کي الوداع ڪيو ھو.

ڄامشوري کي وسارڻ ڪنھن جي وس جي ڳالھه به ناھي، ڇاڪاڻ جو ھي شھر ھر ماڻھو جي دل ۾ اڪري وڃي ٿو. ڄامشوري کي الوداع چوڻ انتھائي ڏکيو ھوندو آھي ۽ ڄامشوري ۾ وڇوڙي جا آخري ڏينھن انتھائي گھاءُ ڏيندڙ ھوندا آھن جيڪي نوجوان پنھنجي ساٿين سان گڏ زندگي جون چار بھارون گھارين ٿا. چار سال ڏکن سکن جا ساٿي ھجن ٿا يا جن نوجوانن جون ھڪٻئي سان وقتي رنجشون ھجن ٿيون ته ھڪ ٻئي سان وڇڙڻ مهل انھن نوجوانن جي دل چوندي آھي ته ٻانھون ٻڌي ھڪ ٻئي سان موڪلائجي، جڏھن ته ڪيترائي نوجوان پنھنجن پيارن سان موڪلائڻ وقت آڪاش انصاري جون اھي سٽون ورجائيندا آھن ته؛

بند اکڙين منجھان

يادگيرين جا سيلاب ايندا رھيا

بند اکڙين منجھان بند ڀڄندا رھيا

چنڊ ڇٿرون ڪيون

دل جي تنھائي تي

تنھنجي آڪاش جي

ھن اڪيلائي تي

طنز سان روز تارا تڪيندا رھيا

يادگيرين جا سيلاب ايندا رھيا

وقت تنھنجو ورتاءُ واجب نه ھو،

گھايلن تي تي نئون گھاءُ واجب نه ھو،

وک وک تي وڇوڙي وڍيندا رھيا،

يادگيرين جا سيلاب ايندا رھيا،

نيڻ ننڊون ھئا،

ويڻ وڻندا رھيا،

تنھنجي ڇڙٻن منجھان

ڦول ڇڙندا رھيا

ھا مگر اڄ اھي وقت ويندا رھيا

يادگيرين جا سيلاب ايندا رھيا

يادگيرين جا سيلاب ايندا رھيا.

        (پورو ٿيو)