چانڊوڪي جا پويان پل

0
164
ٻيو ڪوئي

هو ان ڏينهن  معمول مطابق اٿي مزدوري لاءِ تيار ٿئي ٿو، پر پير جي ڏکندڙ ڦٽ سبب ڪچي گهر جي ڀت کي ٽيڪ ڏيئي سج جي تڙڪي ۾ ويهي ٿو رهي.

گهر اندر ٻارن جي روئڻ ۽ سندس گهرواري جي گوڙ سبب هو اٿي ٿو۽ گهرواري کي مخاطب ٿيندي چوڻ ٿو لڳي “هنن کي ڇو ٿي مارين، ھنن جو ڪهڙو ڏوهه”

صبح کان هنن جي دانهن پيئي پئي ته ماني ڏيو، اٽو ڪٿان آڻيان، تو اٽو آندو ئي اڌ ڪلو هو اهو رات پڪو،اڄ اڃان تائين گهر ويٺو آھين، ڏوهه وري منهنجو ٿو ڏين.

هن جي چهري تي ارمانن ۽ محرومين جو تاثر ڊوڙي ٿو وڃي، نوڪري لاءِ در در جون ٺوڪرون کائي اڌ عمر ويئي هلي آھي، باقي عمر به ويندي گذري ڇا ڪريان وس ڪونه ٿو پڄي. مينهن جي واڙن تي، وڏيرن جي زمينن تي، ڪڪڙن جي فارمن تي مزدوري ڪندي ڪندي هاڻي وڃي سروس اسٽيشن تي يعني گاڏين کي ڌوئڻ جي ڪم تي لڳو آھيان، جتي هن  سياري ۾ ٿڌي پاڻي سان سارو ڏينهن ڪم ڪري ڏڪي ويندو آھيان،هو ڀڻڪي منڊڪائيندي گهر کان ٻاهر وڃڻ لڳي ٿو، منڊڪائيندي منڊڪائيندي سروس اسٽيشن جي سامهون  پراڻي ڀُريل ڀت کي ٽيڪ ڏيئي ڦاٽل کٿو ويڙھي مٿي تي هٿ ڏيئي اچي ويهي ٿو رهي.

مون کي سامهون گذرندو ڏسي ڦڪي مرڪ مرڪي ٿو، هن جي  مرڪ ۾ پيڙا موجود  آھي، هن جي پيڙا محسوس ڪري ،مون کي اياز جون هي سٽون ياد اچڻ لڳيون،

زندگي مون لاءِ انهيءَ ڪک وانگي آ

ٻار جنهن کي سمنڊ ۾  اڇلي ڏسن ٿا

ٿو وڃي ڪيڏھن سو جانچي ڏسن ٿا

موت تون ايڏو ڀيانڪ ڪونه آھين،

پاند ۾ منهنجي ڪرين گل مهر جي گل وانگيان،

ڪنهن پرندي جي انهي ڀل وانگيان

جو ايئن سمجهي ته ڪو ميوو هو چنڊ آ

وڻ جيان منڊ آ

آئون هن کي تڏھن کان سڃاڻندو آھيان، جڏھن هي برائون رنگ جي اسڪولي ڊريس پائي ڪتاب کڻي اسڪول ويندو هو، هن جي ٻالچتي پڙھڻ ، ٻڪريون چارڻ ، ڪاٺيون ڪرڻ ۾ گذري.  جڏھن هن جو پوڙھو پيءَ فالج سبب صفا بيحال ٿي ڪجھه ڏينهن ۾ گذاري ويو،ته هن هڪ ڏينهن مون سان ملي مون کي چيو ته سائين، فلاڻي وزير کي چئو ته مون کي نوڪري ڏي. مون کي خبر هئي ته نوڪري وٺڻ لاءِ وزيرن ۽ وڏيرن وٽ جتيون گسائڻيون پونديون آھن، سو هڪڙي منهنجي ڪال تي فضل کي نوڪري ملي وڏي ڳالھه ھوندي، مون صاحب کي فون ڪئي، جواب آيو ته جوان کي چئو، ڪنهن اداري ۾ درخواست ڏيئي انٽرويو ۾ ويهي ۽ پوءِ سلپ کڻي اچي، ڪوشش ڪنداسين.

پر اڃان نوڪرين جو اشتهار ئي ڪو نه هليو آھي، ان لاءِ انتظار ڪري، اهي ڳالهيون ٻڌي فضل جي اکين ۾  هڪ ڀيرو وري عارضي چمڪ پيدا ٿي، هو وري پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويو پوءِ هو ڪيترو عرصو نوڪرين جي  لاءِ چالان ڀريندو ۽ انٽرويو ڏيندو رهيو، ليڪن ڳالهه اتي جو اتي. هاڻي ته هن جا وار به اڇا ٿي ويا آھن، سندس ٻار به وڏا ٿي ويا آھن، هاڻي هو سندس روزگار  لاءِ گهٽ،پر سندس اولاد جي روزگار لاءِ پريشان آھي. آڳاٽي وقت ۾ جيتوڻيڪ ملازمتن جا موقعا بنھه گهٽ ھوندا هئا، پوءِ به جيڪڏھن ڪو ماڻھو ملازمت ڪرڻ چاهيندو هو ته ان کي نوڪري ملي ويندي هئي، مغلن جي دور حڪومت کان ويندي انگريزن جي دور حڪومت تائين ملازمتون حاصل ڪرڻ يا  وري انهن دورن جي  حالتن تي ويهي لکبو ته ان تي هڪ الڳ ڪتاب ٺھي سگهي ٿو، انهن دورن ۾ فوج ئي هڪ خاص ادارو هوندو هو، جنهن ۾ چست ۽ وفادار جوانن کي ڀرتي ڪيو ويندو هو ۽ ٻين کاتن جهڙوڪ عدليا ، تعليم ۽ ٽپال ۾ به وفادار ۽ اعتماد جوڳن ماڻھن کي مقرر ڪيو ويندو هو.

 اٺن ۽ گهوڙن تي ٽپال جي تاريخ تمام گهڻي آڳاٽي آھي، انگريزن  جي دور ۾  بارٽل فريئير ان کاتي ۾ جدت آندي، ان کان اڳ سر چارلس نيپئر جي وقت 1851ع ۾  ٽپال جو نظام ته موجود هو، ليڪن ان ۾ خط موڪليندڙن کي ٽپال جو خرچ ڀرڻو پئي پيو   ڪمشنر سنڌ مسٽربارٽل فريئر  سنڌ ۾ خط موڪليندڙن مٿان پوندڙ خرچ ختم ڪري ڇڏيو،جنهن ڪري  خط موڪليندڙ غريب ماڻھن کي به فائدو پهتو.

ڄام نظام سمي جي دور ۾ قبولئي عرف دولهه درياءَ خان کي جيڪو ڄام نظام جي ديوان لکدير جو غلام ٻڌايو ٿو وڃي، آخر ۾ ڄام جي فوج ۾ ڀرتي ٿيو ۽ سپهه سالار جي عهدي تائين پهتو، تاريخدان ته ان کي اڻپڙھيل لکن ٿا. انگريزن جي دور حڪومت ۾ اڪبر حسين رضوي 1846ع،  1921ع جيڪو بعد ۾ اڪبر الهه آبادي جي نالي سان مشھور ٿيو ، اردو شاعري ۾ سندس ھڪ خاص مقام آھي،

هم آھه ڀي ڪرتي هين، تو هوجاتي هين بدنام

وه قتل ڀي ڪرتي هين، تو چرچا نهين هوتا

پاڻ ٿورو ئي عرصو سرڪاري اسڪول ۾ پڙھيو، ليڪن غربت سبب مزدوري کي لڳي ويو ۽پرائيويٽ پڙھندو به رهيو، 1859ع ڌاري تعميرات کاتي ۾ نوڪري ورتائين، جنهن بعد 1872ع ۾ وڪالت پاس ڪري وڪيل بڻجي ويو، 1889ع ڌاري جج مقرر ٿيو ۽ 1903ع ڌاري رٽائرمنٽ ورتائي.,,

 شيخ  ابراهيم ذوق کي مغل شھنشاهت کان شاعري ۽ملڪ الشعرا جو وڏو خطاب عطا ٿيو،جيتوڻيڪ هن کي ڪنهن ٻي کاتي ۾  ڪا سرڪاري نوڪري ته ڪون هئي، ليڪن هن کي بهادر شاهه ظفر جو شاعري ۾ استاد مقرر ڪيو ويو ۽ هن جو چار روپيا وظيفو مقرر ڪيو ويو جيڪو اڳيان هلي هڪ سئو روپيا تائين پهتو، شيخ محمدابراهيم ذوق 1790ع ۾ شيخ رمضان جي گهر  دهلي ۾ ڄائوهو ۽ 1854ع ۾ فوت ٿيو.

ڪتني مفلس هوگئي ڪتني تونگر هوگئ ,

خاڪ ۾ جب مل گئي دونون برابر هو گئي

جيتوڻيڪ مير تقي مير ۽اسدالله غالب به فوج يا ڪنهن ٻئي اداري ۾  مقرر ته ڪونه رهيا پر انهن کي به  مغل سرڪار کان مراعتون ۽ وظيفا ملندا رهيا. مغل دور  کان پوءِ  جي شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن جي شاهي درٻار ۾  اها خاص اهميت ڪونه رهي،  ليڪن عام ماڻھو لاءِ روزگار جا موقعا موجود هئا. ٻني ٻارو، مال جي پالنا۽ ٻين وسيلن ڪري به  ماڻھو پنهنجي پيرن تي بيٺل هئا، سرڪاري نوڪري ڪرڻ کي ماڻھو ترجيح نه ڏيندا هئا. انگريزن جي دور ۾  سرڪار نه فقط نوان کاتا متعارف ڪرايا ليڪن انهن ۾ نوجوانن جي مقررين جو سلسلو به شروع ڪيو.  مقررين جو اهو سلسلو ورهاڱي کان ٿيندو جوڻيجو دور تائين پهتو، جيتوڻيڪ  محمدخان جوڻيجو دور ۾  نوڪرين ڏيڻ جو اختيار اعليٰ آفيسرن کان کسي چونڊيل نمائندن کي ڏنو ويو، جنهن ڪري مختلف ادارن ۾ ميرٽ بنا ماڻھو ڀرتي ٿي آيا، جڏھن ته ڪيترائي غريب ذهين نوجوان نوڪرين جي آسري ۾ ويهي ويهي ذھني مريض بنجي ويا ۽ اها حالت  اڃان  تائين برقرار آھي.

محترما بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ ته نوڪرين جو وڪرو وڌي ويو جيڪو اڃان تائين برقرار آھي،غريب ماڻھو جڏھن قرض کڻي پنهنجي اولاد کي پڙھائين ٿا ۽ آخر ۾ سندن اهو اولاد ساڳيو مزدور بڻجي ٿو وڃي ته ان صورتحال ۾ اهو پڙھيل لکيل مايوس نوجوان  جيڪو محنت ڪري پڙھيو ۽ نوڪري ملڻ کان محرم رهجي ويو اهو پنهنجي اولاد کي پڙھائڻ ۾ دلچسپي وٺندي نظر نه ٿو اچي  ۽ دلشڪستو ٿي ٿو وڃي. اهڙي طرح پورهيت ماڻھن ۾ پڙھائي جو رجحان گهٽجي رهيو آھي. سوچيان ٿو ته فضل جيڪڏھن مغل شھنشاهت جي دور ۾ ڄمي ها ته گهٽ ۾ گهٽ شاهي درٻار جو دربان ضرور هجي ها، ليڪن هن هڪ اهڙي وقت ۾ جنم ورتو آھي، جنهن وقت ۾  هر غريب ماڻهو پنهنجو صليب پنهنجي ڪلهن تي کڻي  هلي رهيو آھي.

هو زمين تي تريون کوڙي اٿي بيهي ٿو ۽ هڪ اداس نظر سروس اسٽيشن تي وجهي ٿو،ان ويلي آئون ڄڻ اتهاس جي اونداهي محلات مان ڇرڪ ڀري ٻاهر نڪري ٿو اچان ۽اڳيان ڏسان ٿو ته شھر جي رستن تي زندگي ڊڪ ڊوڙ ۾ آھي،ڪنهن کي به ڪنهن جو اونو ناهي، فقط هرڪو پنهنجي آئنده لاءِ هٿ پير هڻي رهيو آھي.