پارليامينٽ جي توهين روڪڻ بابت نئين قانون وارو بل قومي اسيمبلي ۾ پيش

0
91

پارليامينٽ جي توهين روڪڻ بابت نئين قانون وارو بل قومي اسيمبلي ۾ پيش

پارليامينٽ جي توهين روڪڻ بابت نئين قانون وارو بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو آهي، حڪومت بل جي حمايت ڪري ڇڏي آهي

استحقاق ڪميٽي جي چيئرمين راڻا قاسم نون بل پيش ڪرڻ بابت رٿ پيش ڪندي چيو ته هن بل جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر به واکاڻ ڪئي هئي

 مملڪتي وزير شهادت اعواڻ چيو ته بل سٺو آهي ان کي ڪميٽيءَ ڏانهن اماڻيو وڃي

 اپوزيشن ليڊر راجا رياض مخالفت ڪندي چيو ته هن بل کي ڪميٽيءَ ڏانهن ڇو اماڻيو وڃي، هي اسان جي عزت جو مسئلو آهي، جڏهن به ڪو جج چاهي ته اسان کي بي عزت ڪري ڇڏي ٿو

هن چيو ته  بل کي ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ بدران جيئن جو تيئن منظور ڪيو وڃي، جج توهين عدالت سان ماڻهن جون منڍيون لاهي ڇڏين ٿا، جڏهن اسان جي عزت جو معاملو اچي ٿو ته چيو وڃي ٿو بل ڪميٽي ڏانهن موڪليو

پارلياماني معاملن جي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي پاران به بل ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ تي زور ڏنو ويو آهي

 جاويد لطيف راجا رياض جي حمايت ڪندي چيو ته ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ بدران بل منظور ڪيو وڃي

 قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته بل کي ڪميٽي ڏانهن اماڻي وڌيڪ خوبصورت بڻائي سگهجي ٿو، قانون پاس ڪرڻ ۽ رد ڪرڻ جو اختيار رڳو هن ايوان وٽ آهي

 اسلم ڀوتاڻي چيو ته اسان پارليامينٽ جي عزت وڌائڻ پيا وڃون، پارليامينٽ جي اها عزت ڪيترن ئي ماڻهن کان برداشت نه ٿيندي، بل تي ڪميٽي ۾ بحث ڪرايو وڃي ته جيئن ڪو به اعتراض باقي نه رهي