ڪراچي:حد دخلين خلاف آپريشن، فائرنگ، اينٽي انڪروچمينٽ فورس جو ملازم مارجي ويو،3 واٽهڙو ٻارڙيون زخمي

0
269
ڪراچي:حد دخلين خلاف آپريشن، فائرنگ، اينٽي انڪروچمينٽ فورس جو ملازم مارجي ويو،3 واٽهڙو ٻارڙيون زخمي
ڪراچي:حد دخلين خلاف آپريشن، فائرنگ، اينٽي انڪروچمينٽ فورس جو ملازم مارجي ويو،3 واٽهڙو ٻارڙيون زخمي

ڪراچي: ڪراچي جي سرجاڻي ٽائون ۾ حد دخلين خلاف آپريشن دوران قبضه مافيا جي فائرنگ ۾ اينٽي انڪروچمينٽ فورس جو ملازم مارجي ويو، 3 واٽهڙو ٻارڙيون زخمي ٿي پيون

 سرجاڻي ٽائون جي سيڪٽر 8 ۾ اينٽي انڪروچمينٽ جو عملو اڏاوتون ڊاهڻ لاءِ پهتو ته قبضا مافيا عملي مٿان پٿراءَ سان گڏ فائرنگ ڪري ڏني، هيوي مشينري جو آپريٽر سخت زخمي ٿي پيو، کيس ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏنو

 ڪي ڊي اي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر موجب مشين آپريٽر کي مٿي ۾ گولي لڳي، صورتحال تي ضابطي لاءِ پوليس لٺبازي ۽ شيلنگ ڪري مڇريل ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو

 پوليس جو چوڻ آهي ته 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪجهه مهينا اڳ ساڳئي علائقي ۾ حددخليون هٽائڻ دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ منگهو پير جو مختيارڪار اعجاز چانڊيو به مارجي ويو هو، حملي ۾ تپيدار سميت 5 ڄڻا زخمي به ٿي پيا هئا

هي به پڙهندا

پنجاب پوليس پاران ڪچي ۾ جاري آپريشن دوران ڪيترائي ڌاڙيل مارڻ جي دعويٰ