پئرس باه ۾ سڙي رهيو آهي

0
326
پئرس باه ۾ سڙي رهيو آهي

 “توهان آزاد آهيو ته قابض فوج جي دلالي ڪريو يا وري انهن جي خلاف جنگ”. اهي لفظ انقلابي ناول نگار ۽ فلسفي جان پال سارتر ان وقت چيا هئا، جڏهن ٻي عالمي جنگ ۾ هٽلر جون فوجون پئرس تي قبضو ڪري چڪيون هيون. سارتر بجاءِ جرمني جي غلامي قبول ڪرڻ جي ان مزاحمت جي سرواڻي ڪئي هئي، جيڪا فرينچ تاريخ جو سونهري باب آهي. فرينچ قوم لاءِ چيو ويندو آهي ته اها انقلاب جي ماءُ آهي. هي اها ڌرتي آهي جنهن دنيا کي قومپرستي، جديد ريپبلڪ، روشن خيالي ۽ خوشحال زندگي جو تصور ڏنو آهي. فرينچ قوم جاگيرداري کي ختم ڪرڻ جي روايت وڌي هئي ۽ اتان جي جاگيردارن جن کي بيرن چيو ويندو هو، تن کي زمينن تان بيدخل ڪري اهي هارين ۾ ورهايون هيون. انقلابي فلسفين، جن ۾ والٽئير سڀ کان اهم آهي، عيسائي مذهبي ۽ اخلاقي روايتن کي رد ڪري ان جي جڳهه تي عقل ۽ علم جي بنيادن تي ٻڌل سول سوسائٽي جي سوچ ڏني هئي. هن ماڻهن کي ماضي کي وساري حال ۽ مستقبل جي سوچ ڏني هئي، جنهن ۾ عيسائيت جي جڳهه تي سيڪيولرزم نئين مذهب طور مڃيو ويو هو. اڄ دنيا جيڪا سول سوسائٽي جي ڳالهه ڪري ٿي، تنهن جو بنياد فرانس ۾ ئي رکيو ويو هو. اڄ شايد اسان کي اهو تصور عام لڳي پر ارڙهين صدي ۾ اها وڏي تبديلي هئي، جنهن نه رڳو فرينچ سماج کي بدلايو هو پر ترقي پسندي جي سوچ  کي دنيا جي وڏي آبادي قبول ڪيو آهي. فرينچ سول سوسائٽي جي انقلاب جو هڪ پهلو تشدد به آهي، جنهن پهرين ڀيرو سياست ۾ تشدد جو استعمال ڪري بادشاه ۽ راڻي کي سرِ عام تختِ دار تي لٽڪايو هو. ان تشدد ماڻهن مان طاقتور جو خوف ختم ڪيو هو ۽ انهن ۾خود اعتمادي پيدا ڪئي هئي ته هو ڪنهن بادشاه يا پادري جي منشا جي بغير به ترقي ڪري سگهن ٿا. فرينچ انقلاب جي تاريخ جا ڪئين دور آهن ۽ ان قوم پنهنجي روايت کي شاندار طريقي سان قائم رکيو آهي.

اڄڪلهه به اتي جدوجهد جو نئون دور شروع ٿيو آهي ۽ پئرس ۾ مظاهرا ٿي رهيا آهن. ڪجهه ڏينهن پهرين اتي هڪ احتجاج ۾ ٽيھَ لک ماڻهن شرڪت ڪئي آهي. مزدور يونيون هڙتال ڪري رهيون آهن. پئرس شهر ۾ ڪچرو ڪراچي جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. برطانيه جي بادشاه چارلس جو فرانس جو پهرين کان طئه ٿيل دورو انهيءَ ڪري ملتوي ڪيو ويو آهي، جو مزدورن بادشاه سلامت جي لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇائڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. آخرڪار صدر ميڪران مجبور ٿي بادشاه سلامت کان معذرت ڪري پئرس اچڻ جي نينڍ واپس ورتي آهي.

انهن مظاهرن ۽ احتجاج ڪرڻ جو مقصد ان صدارتي آرڊينينس جي خلاف آواز بلند ڪرڻو آهي، جنهن ۾ مزدورن جي رٽائرمينٽ جي عمر ٻاهٺ سالن مان وڌائي چوهٺ سال ڪئي وئي آهي. ماڻهن کي ان ڳالهه تي به غصو آهي ته صدر پارليامينٽ جي مرضي جي بغير اعلان ڪري مطلق الانانيت جو مظاهرو ڪيو آهي، جنهن کي قبول نه ڪبو. صدر جو اهو اعلان انتهائي غير مقبول آهي ۽ هن جي پنهنجي پارٽي به هن کان ان معاملي تي دوري ڏيکاري رهي آهي. هڪ سروي موجب اسي سيڪڙو ماڻهو پينشن لاءِ عمر جي حد وڌائڻ جي خلاف آهن. ٽرانسپورٽ جو نظام درهم برهم ٿي چڪو آهي، ڪارخانه بند ٿي رهيا آهن پر ماڻهو احتجاج ڪرڻ ۾ مست لڳا پيا آهن. سوال اهو آهي ته صدر باوجود پنهنجي پارٽي جي مخالفت ۽ پارليامينٽ جي منظوري جي، اهو آرڊينينس ڇو جاري ڪيو آهي؟ ان جا گهڻا سبب هوندا پر ان جو هڪ سبب سرمائيداري نظام ۽ ان تي اشرافيه جو قبضو آهي. پينشن جي رقم جو ڪجهه حصو اشرافيه کي ڏيڻو پوي ٿو ۽ هو نه ٿا چاهين ته اهو انهن جي نفعي مان نڪري مزدورن جي کيسي ۾ وڃي. پهرين هو مجبور هئا جو ڪميونزم جي ڊپ کان مزدورن کي ڪجهه مراعتون ڏيندا هئا پر هاڻي مزدورن وٽ اهو کوٽو سڪو به نه آهي، جنهن سان هو سرمائيدارن کان ڪا ڳالهه مڃرائي سگهن ۽ سواءَ احتجاج جي ٻيو ڪو رستو به نه بچيو آهي جو هو اشرافيه کي مجبور ڪري سگهن.

فرانس ۾ ماڻهن جو موجوده احتجاج بظاهر پينشن جي نقطي تي آهي پر منهنجي خيال ۾ اهو معاملو سادو نه آهي. سنڌي ۾ چوندا آهن ته پٿر پرايا پر سور پنهنجا هوندا آهن. اهي مظاهرا ان غصي، حسد، احساس محرومي، بيگانگي ۽ نا انصافي جي خلاف پنهنجي آواز جو  اظهار آهن، جيڪو پوري دنيا جي ماڻهن جي اندر روز به روز وڌي رهيو آهي، جنهن ۾ عام ماڻهن کي اهو لڳي رهيو آهي ته انهن سان دوکو ڪيو ويو آهي. جهموريت، آزادي ۽ برابري جي نعرن ۾اشرافيه انهن کان روٽي ۽ گهر به کسيو آهي. اها ڪيڏي نه بدقسمتي آهي جو پئرس، لنڊن ۽ نيويارڪ جو غريب ماڻهو پنهنجي ٻچن جي روٽي، ڪپڙن ۽ ڇت جي لاءِ پريشان هجي؟ مغرب جي جمهوري سياست تي اشرافيه جو قبضو ٿي چڪو آهي ۽ رياست فقط امراءُ ۽ اشرافيه جي تحفظ جو نالو آهي. رياست جو بنياد عوام هوندي آهي ۽ ڪا به رياست فقط فوجي طاقت ۽ هٿيارن تي زندھ نه ٿي رهي سگهي، پوءِ ڀلي هن وٽ ڪيترا به ايٽم بم ڇو نه هجن. سوويت يونين کان وڌيڪ ايٽم بم ۽ راڪيٽ ٻي ڪنهن به قوم وٽ نه هئا پر اها پنهنجي ئي اندروني تضادن جي ڪري ڍير ٿي وئي هئي. عوام کي مسلسل ناراض ڪري ڪابه سياسي ۽ فوجي طاقت گهڻو وقت هلي نه ٿي سگهي. اها دنيا جي تاريخ آهي ۽ ان جو سبق پڻ. پنهنجي عوام جي اندر تضادن کي حل ڪرڻ جي بجائي روم جي سينٽرن ۽ اشرافيه طاقت جو استعمال ڪيو هو ۽ عوام کي، جن ۾ وڏي اڪثريت غلامن جي هئي، تن تي ظلم ۽ بربريت جي انتها ڪري ڇڏي هئي. نتيجي طور جڏهن روم تي حملو ٿيو ته پوءِ انهن وڙهڻ جي بجائي روم ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو هو. مجبوري ۾ نيرو بادشاهه روم کان ٻاهر ڪنهن پهاڙي جي چوٽي تي ويهي بانسري وڃائيندو رهيو هو.

ڇا پئرس ۾ هلندڙ احتجاج ڪامياب ويندو؟ منهنجي خيال ۾ ان سان ڪوبه فرق نه ٿو پوي ته اهو ڪامياب وڃي ٿو يا نه. اهو هڪ تاريخي تسلسل آهي جيڪو هلندو رهي ٿو. سماج ۾ جيترو ظلم ۽ زيادتي وڌندي، اوترو وري اتي غم ۽ غصو به. سابق آمريڪي صدر روزويلٽ سمجهدار هو، جنهن اشرافيه کي سمجهائي مزدورن کي نئين ڊيل تحت مراعتون ڏئي ماٺ ڪرايو هو.ڪاش اها ڳالهه اڄ جي اشرافيه کي سمجهه ۾ اچي.