ٽپالي جي گهر مان 24 هزار خط هٿ، پوسٽ آفيس انتظاميا معافي گهري ورتي

0
358

ٽوڪيو (دلچسپ نيوز) ٽپالي جي گهر مان 24 هزار خط هٿ، پوسٽ آفيس انتظاميا معافي گهري ورتي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جاپان جي شهر ٽوڪيو ۾ 61 ورهين جي هڪ ٽپالي 14 سالن تائين مختلف ماڻهن کي سندن خط نه پهچايا، ٽپالي اهي خط پنهنجي گهر ۾ ئي ڦٽو ڪندو رهيو، پوسٽ آفيس انتظاميا کي پڻ لاڳيتو شڪايتون ملنديون رهيون پر ان ڪوبه نوٽيس نه ورتو، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پوسٽ آفيس انتظاميا کي نيٺ شڪ پئجي ويو جنهن بعد جاچ شروع ڪئي وئي ۽ ڄاڻايل ٽپالي کي شڪي قرار ڏنو ويو. پوسٽ آفيس انتظاميا ٽپالي کي برطرف ڪرڻ بعد پوليس وٽ پڻ هڪ هزار خط گم ٿيڻ جي رپورٽ داخل ڪرائي. پوليس ڄاڻايل ٽپالي جي گهر تي ڇاپو هنيو ته 24 هزار خط هٿ آيا جيڪي مالڪن تائين نه پهچايا ويا هئا، پوليس ٽپالي کي گرفتار ڪري ورتو. پيرسن ٽپالي جو چوڻ هو ته کيس اهي سڀئي خط مالڪن جي گهرن تائين پهچائڻ ۾ پريشاني ٿيندي هئي. انهي سان گڏوگڏ ٻين ٽپالين کان وڌيڪ بالاتر ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو هئس، اهو محسوس ڪرائيندو هئس ته مون کان وڌيڪ ڪير به ڪم نه ٿو ڪري. پوسٽ آفيس انتظاميا ماڻهن کان انهي واقعي تي معافي گهري ورتي.