ايترا وڏا ڊزائنر ٿي ڪري اھڙا ڪپڙا پھرين ٿا: مشي خان جي تنقيد

0
377

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا مشي خان ڊزائنرز فھد حسين ۽ علي ذيشان جي ڪپڙن تي تنقيد جو نشانو بڻايو آھي ۽ چيو آھي تھ اوھان ڪنوار ڇوڪرين کان 10 کان 15 لک رپيا وٺندا آھيو پر پاڻ ايواڊرز تقريب ۾ ڇا پائي ھليا ويا، اداڪارا انسٽاگرام تي جاري وڊيو پيغام ۾ چيو آھي تھ فھد حسين اوھان کي ڇا ٿي ويو آھي، جڏھن اوھان سان ڪراچي ۾ ملاقات ٿي تھ تڏھن اوھان بلڪل نارمل ھئا، ھاڻ اوھان ھي ڪھڙي قسم جو ماسڪ پائي ايواڊرز تقريب ۾ ھليا ويا، حيرت ٿئي ٿي تھ ايترا وڏا ڊزائنرز ٿي ڪري اھڙا ڪپڙا پايو ٿا.