يورو ڪپ: اٽلي اسپين کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

0
387

لنڊن (اسپورٽس نيوز) يورو ڪپ جي سيمي فائنل ۾ اٽلي اسپين کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي، ميچ جو فيصلو پنالٽي ڪڪس ذريعي ٿيو. لنڊن ۾ کيڏيل پهرين سيمي فائنل ۾ ٻنهي ٽيمن ۾ دلچسپ مقابلو ٿيو، پهرين هاف ۾ ڪابه ٽيم گول نه ڪري سگهي. ٻئي هاف جي پندرهين منٽ ۾ اٽلي طرفان بيرار ڊي گول ڪيو، راند ختم ٿيڻ کان 10 منٽ اڳ اسپين جي موراٽا گول ڪري مقابلو برابر ڪيو. ميچ کي فيصلائتو بڻائڻ لاءِ پنالٽي ڪڪس جو سهارو ورتو ويو، جنهن ۾ اٽلي چار ۽ اسپين 2 گول اسڪور ڪيو، ائين اٽلي ٽيم ايونٽ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو.