ڪرپشن جي آڇ بابت وقت سر نه ٻڌائڻ غلطي هئي، پاڪستان جي بدنامي جو سبب بڻيس، معافي گهران ٿو: عمر اڪمل

0
299

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽر عمر اڪمل هڪ وڊيو پيغام ۾ پي سي بي جي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي جو اعتراف ڪندي پنهنجي غلطي تسليم ڪئي ۽ معافي به گهري ورتي آهي. عمر اڪمل جو وڊيو پيغام پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جاري ڪيو، جيڪو ري هيب جو حصو آهي. عمر اڪمل چيو ته گذريل سال مونکان غلطي ٿي وئي جنهن سبب منهنجي ڪيريئر ۽ ڪرڪيٽ کي نقصان پهتو، ڪجهه ماڻهن مون سان رابطو ڪيو پر مان وقت سر پي سي بي اينٽي ڪرپشن کي نه ٻڌائي سگهيس. هن چيو ته ميچ فڪسنگ جي آڇ بابت وقت سر آگاهه نه ڪرڻ تي مونکي 12 مهينن جي پابندي ڀوڳڻي پئي، اعتراف ڪيان ٿو ته منهنجي غلطي جي ڪري پاڪستان جي بدنامي ٿي. عمر اڪمل پنهنجي ڪٽنب، پي سي بي ۽ سموري دنيا جي ڪرڪيٽ فينز کان معافي گهري آهي. هن سمورن ڪرڪيٽرن کي درخواست ڪئي آهي ته توهان ملڪ ۽ راند جا سفير آهيو، ڪنهن به شڪي سرگرمي کان پري رهو، جيڪڏهن ڪو شڪي شخص اوهان سان رابطو ڪري ته فوري طور پي سي بي جي اينٽي ڪرپشن يونٽ کي آگاهه ڪيو ته جيئن اوهان جو ڪردار ۽ ڪرڪيٽ ڪيريئر پاڪ رهي.