سعديا غفار ۽ حسن حيات جي گهر ننڍڙي مهمان جي آمد

0
350

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا سعديا غفار ۽ حسن حيات جي گهر ننڍڙي مهمان جي آمد ٿي آهي. تفصيل موجب اداڪارا سعديا غفار ڌيءُ جي پيدائش جي خبر انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڏني. هن لکيو آهي ته ڌيءُ جو نالو ريا حسن حيات خان رکيو آهي. هن ٻڌايو ته سندس ڌيءُ جي پيدائش آمريڪا جي ريور سائيڊ ڪميونٽي اسپتال ۾ ٿي هئي. جڏهن ته هن ڌيءُ جي تصوير پڻ شيئر ڪئي آهي پر ان ۾ سندس شڪل نظر نٿي اچي. واضح رهي ته سعديا غفار ۽ اداڪار حسن حيات جي شادي مارچ 2020 ۾ ٿي هئي.