ٽنڊوغلام علي(ن پ ا) ٽنڊوغلام علي لڳ جاڙا واٽر اسٽاپ وٽ خاصخيلي ۽ نوحاڻي  برادري ۾ جهيڙو لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري نوجوان اعجاز خاصخيلي زخمي ٿي پيو ۽ زخمي جي رڙين تي ڳوٺاڻا پهتا ته جوابدار فرار ٿي ويا اطلاع تي وارثن زخمي کي کڻي سرڪاري اسپتال پهڇايو جتان ڊاڪٽرن پاران فرسٽ ايڊ ڏئي وڌيڪ علاج لاء حيدرآباد ريفر ڪيو. اسپتال ۾ زخمي صحافين کي ٻڌايو ته آئون تلهار مال پڙي تان واپس اچي رهيو هوئس ته رستي ۾ بيٺل ٻن جوابدارن زاهد نوحاڻي ۽ سيف نوحاڻي مون تي بيگناھ حملو ڪري سخت تشدد ڪري مون کان 60 ھزار روڪ رقم پڻ ڦر ڪري فرار ٿي ويا . ٻئي پاسي واقعي جي اين سي داخل ڪئي وئي آهي.