عثمان شاھ ھڙي۔ (ن پ آ) عثمان شاھ  ھڙي ويجهو عمرساند ٿاڻي جي حد واري علائقي قيصرسينھڙو لڳ زمين ۾ مال پوڻ تان مهڪاڻي ۽ مڱريا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي ويو، ڳوٺ ابراهيم شاھ ۾ ڪم سانگي آيل عبدالخالق مڱريو تي حملو ڪري کيس زخمي ڪيو ويو، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي، ڌرين ۾ فائرنگ پڻ ٿي جنهن کان پوء ٻئي ڌريون مورچا بند  ٿي ويون آهن.