ٽنڊو الهيار (رپورٽر) ٽنڊوالھيار ۾ پاڻي کوٽ خلاف سوين آبادگارن ھٿن ۾ دلا ۽ مٽڪا کڻي نصير ڪينال ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو ھنيو ، جنهن سبب حيدرآباد، ميرپورخاص مين روڊ بند ھئڻ ڪري ڪراچي کان ٿر ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيھي رھيون ۽ مسافر سخت پريشاني کي منهن ڏيندا رهيا، جڏهن ته ضلعي انتظاميا طرفان آبادگارن جي ڌرڻي ۽ امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي وڏي تعداد ۾ پوليس اھلڪار مقرر ڪيا. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ آبادگارن طرفان نعرن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو “پاڻي ناهي ڇو بلا، ڪربلا ھائي ڪربلا ” جا نعرا گونجي ويا. ڌرڻي دوران سخت گرمي ۽ نٽھڻ اس سبب ھڪ آبادگار بيھوش ٿي ويو، جنهن کي فوري فرسٽ ايڊ ڏنو . ان موقعي تي ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ بااثر زميندار اميد علي دل، آصف خواجا ،۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي بلغا شاخ ۾ ھٿرادو پاڻي بند ڪيو ويو آهي جنهن سبب اسان جون زمينون بنجر ٿي رھيون آهن ،آصف خواجا چيو تہ آبادگارن جي مٿان ھڪ سياسي تنظيم پنهنجي سياست چمڪائي رھي آھي، جيستائين اسان کي پنهنجي حصي جو پاڻي نه ملندو ڌرڻو جاري رهندو، ھن الزام ھنيو تہ حليم عادل شيخ جتي به وڃي ٿو، ٻن ماڻهن کي وڙھائي ٿو ۽ ھن اسان جي حصي جو پاڻي بند ڪرايو آهي، ھنن چيو ته خدارا پاڻي تي سياست بند ڪريو ۽ غريب آبادگارن کي فوري طور پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، جڏهن ته ھن وقت بلغا شاخ ۾ پاڻي جي جاءِ تي واري اڏامي رهي آهي، آخري اطلاع آبادگارن پاران ٽينٽ لڳائي ڌرڻي ۾ ويٺل ھئا .