ٺڪراٺو (ن پ ا) بمبلي مائينر، لٺ مائينر ۽ مبارڪپور مائينر ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن شيرمحمدخان مهر، امام بخش مهتم، فقير گهنور مڱريو ۽ حاجن مهر مين چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٻه مهينا گذرڻ باوجو شاخن کي پاڻي ناهي مليو، هزارين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي ويون آھن، واهن ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري چوپايو مال اڃ وگهي مرڻ لڳو آهي. هنن چيو ته آبپاشي عملدارن پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ڇڏي آھي جنهن جي خلاف اسان هاڻ عدالت ۾ وينداسين، مظاهرين چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ٻن ڏينهن اندر واهن ۾ پاڻي نه مليو ته گڊو بئراج تي تاريخي مرڻ گهڙي تائين ڌرڻو هڻنداسين.