ڏھرڪي ٽرين حادثو: روھڙي اسٽيشن تي چار کان وڌيڪ ٽرينون بيٺل

0
305

روھڙي (ن پ ا) ڏھرڪي ريل حادثي کانپوءِ چئن کان وڌيڪ مسافر ريل گاڏيون روهڙي ريلوي اسٽيشن تي تي بيٺل، سوين مسافر سخت پريشان ٿي ويا، ڪراچي کان لاهور ويندڙ شاھ حسن ايڪسپريس، فريد ايڪسپريس، خيبر ميل سميت چئن کان وڌيڪ مسافر ريل گاڏيون بيٺل آھن، ڪيترائي مسافر باء روڊ روانا ٿي ويا، ڪيترائي بي يارو مددگار ويٺل آھن، مسافرن جي ڪنهن بہ سار نہ لڌي، مسافرن پاران ڪرايو واپس ڪرائي منزل طرف روانو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي.