ٽنڊو الهيار (رپورٽر) ٽنڊي الهيار ۾ اغوا ڄاڻايل ناري شادي ڪري ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ ٽنڊوالهيار جي اي سيڪشن ٿاڻي تي 5 ڏينهن اڳ گهران نڪتل سنبل جي پيءُ سندس اغوا جي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي. سنبل جي پيءُ الزام هنيو آهي ته سندس نياڻي کي ثمر مرزا اغوا ڪري کڻي ويو آهي، ٻئي پاسي ثمر مرزا جي وارثن سنبل ۽ ثمر جي شادي جو نڪاح نامون ۽ ٻيا دستاويز صحافين کي ڏيکاريندي چيو آهي ته ثمر سنبل کي اغوا نه آهي ڪيو، هن سنبل جي رضامندي سان هن سان نڪاح ڪيو آهي. ان ڏس ۾ ٽنڊوالهيار اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او چيو ته اسان کي خبر پئي آهي ته جوڙي شادي ڪري ورتي آهي انهي لاءِ اسان واقعي جي ايف آءِ آر داخل نه ڪئي آهي.