ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) لڳي ٿو ته نواز ليگ سازش تحت پ پ کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش پئي ڪري، پيپلز پارٽي آزاد سياسي جماعت آهي، اتحاد ۾ گڏ آهيون پر ڪنهن جي ماتحت نه آهيون، پي ڊي ايم جي آخري اجلاسن ۾ اندازو ٿي ويو هو ته هاڻي اتفاق راءِ سان فيصلا ڪرڻ بدران مڙهيا پيا وڃن، پ پ ايم اين اي شازيا مري چيو آهي ته سندن خواهش آهي ته پي ڊي ايم برقرار رهي ۽ اپوزيشن پارٽيز گڏجي حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏين، سي اي سي جي اجلاس ۾ نواز ليگ ۽ جي يو آءِ جي رويــن تي به بحث ڪيو ويندو، صلاح مشورن بعد استيعفائن ۽ پي ڊي ايم ۾ رهڻ يا نه رهڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو، نواز ليگ جو رويو افسوسناڪ آهي، ٽائيم نيوز سان ڳالهه ٻولهه دوران شازيا مري چيو ته جهانگير ترين جي پ پ ۾ شامل ٿيڻ واريون ڳالهيون بي بُنياد هيون، شهلا رضا جي ٽوئيٽ ۾ ڪابه صداقت نه هئي، تنهن ڪري هُن پنهنجو ٽوئيٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيو….