عمرڪوٽ (ن پ ا) سامارو ڀرسان ڳوٺ 26 هيرل جي رهواسي عبدالخالد کوسو ۽ ڳوٺ غلام رسول پڙهيار واسڻ حسنا ڪولهي پسند جي شادي لاءِ گهران نڪتا ته پوليس گرفتار ڪري کين عمرڪوٽ جي وومين ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪيو، حسنه ڪولهي جي والد گلو ڪولهي جي فرياد تي 2 ڏينهن اڳ عبدالخالد کوسو ۽ ٻن نامعلوم خلاف ناري کي اغوا ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، ناري حسنا ڪولهي ۽ عبدالخالد کوسو کي وومين ٿاڻي جي پوليس مئجسٽريٽ جي عدالت آڏو پيش ڪيو، جتي عدالت ناري حسنا ڪولهي جو ميڊيڪل ڪرائڻ لاءِ حڪم ڏنو، جڏهن ته عدالت جوابدار عبدالخالد کوسو کي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو.