ٽنڊوالهيار (رپورٽر) گذريل شام پيارولنڊ ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام حسين لنڊ مسجد جي پراڻي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ ٿيل جهيڙي ۾ ٽن زخمين جي وارثن گل حسن لنڊ، اعجاز علي لنڊ ۽ آصف علي لنڊ عورتن سميت نيشنل پريس ڪلب جهنڊومري اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي دانيهندي چيو ته پوليس ڌر بڻيل آهي، پوليس ڳوٺ جي بااثر جي چوڻ تي اسان مٿان ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي، هنن چيو ته حملو به اسان تي ٿيو ڪيس به اسان جي مٿان داخل ڪيو ويو آهي، جيڪا ناانصافي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته هنن مطالبو ڪيو ته مامري جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، هوڏانهن لنڊ برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي واري واقعي جو ڪيس هڪ ڌر جي فريادي فداحسين لنڊ جي فرياد تي 17 ڄڻن مٿان پيارولنڊ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. فريادي ڌر پاران ڄاڻايو ويو ته اسان جا 3 ڄڻا زخمي آهن ۽ دڪان تي پيل سامان ۽ ڪيش رقم چوري ٿي آهي، جهيڙي وقت اسان دڪان تي ويٺل هياسين اسان تي حملو ڪري دڪان ۾ پيل 70 هزار کڻي ويا آهن.