ڳڙهي خيرو/دوداپور (نمائندن وٽان) ڳڙهي خيرو ويجهو شهيد صحافي جي وارثن وٽ راڄوڻي ٺاهه لاءِ ميڙ منٿ قافلو ڳوٺ دلدار مندراڻي پھتو، صحافي جي وارثن پاران راڄوڻي کان کتو جواب. خبر موجب ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل سيد ۽ دايا برادري طرفان پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر شير خان جمالي، سيد بسم الله شاهه، ذالفقارشاهه، پ ٽ الف اڳواڻ انتظار ڇلگري، عاشق بروهي، پريل شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ منٿ ميڙ قافلو شهيد صحافي ذوالفقار مندراڻي جي وارثن وٽ پهتو، جتي وارثن کي ٺاھ لاءِ منٿ ڪئي وئي. ان موقعي تي شھيد صحافي جي والد رحيم جان مندراڻي راڄوڻي فيصلي ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته اسين قانون تي اعتماد ڪيون ٿا، جيڪو فيصلو عدالت ڪندي اسان کي قبول ھوندو، هن چيو ته ڪنهن به صورت ۾ راڄوڻي نه ڪنداسين. واضع رهي ته گذريل سال ڳوٺ دوداپور ۾ صحافي ذوالفقار مندراڻي کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو هو، جنهن جا 6 ئي جوابدار هن وقت جيل ۾ آهن.