دادو (رپورٽر ) دادو جي لطيف آباد ڪالوني مان آٽوز مالڪ الهورايو جمالي جي گهر مان هڪ ڪروڙ 90 لک رپين جي چوري واري واقعي بابت اي سيڪشن پوليس پاران گهر جو معائنو ڪرڻ بعد ٽوڙيل دروازن ، الماڙين تي فنگر پرنٽ لاءِ لاڙڪاڻو کان سب انسپيڪٽر قائم الدين مڱڻيجو کي گهرائي فنگر پرنٽ ورتا ويا ۽ آٽوز مالڪ جي نشاندهي تي پوليس ڪالوني جي چوڪيدار کي گرفتار ڪيو آهي، پوليس موجب گرفتار چوڪيدار کان چوري واقعي بابت پڇا ڳڇا ڪئي پئي وڃي، اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او ٻڌايو ته گهر ڌڻي چوڪيدار تي چوري ڪرائڻ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي ته ڀاءُ جي وفات تي وڃڻ کان اڳ چوڪيدار کي ٻڌايو ۽ خيال رکڻ جو چيو هو، گرفتار چوڪيدار کان جاچ ڪيون پيا، فنگر پرنٽ لاءِ دروازن ۽ الماڙين تي جوابدارن جا هٿ لڳل ٿي سگهن ٿا، جنهن مان جوابدارن جي نشاندهي ٿي ويندي.