ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم جي ٽهل آباد پاڙي جي رهواسي 35 سالن جي پورهيت عبدالرشيد خاصخيلي پنهنجي گهر اندر پاڻ تي گاسليٽ هاري باهه ڏئي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نوجوان کي مائٽن اسپتال منتقل ڪيو، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي، ٻي طرف نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته نوجوان جو زال سان جهيڙو ٿيو، جنهن بعد هن پاڻ کي باهه ڏئي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.