گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪي ڀرسان اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڀنڊڪي ۾ زبير واسو گهرو اڻبڻت تان پاڻ تي بندوق جو فائر ڪري خود ڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته زخمي ٿي پيو زخمي نينگر زبير احمد واسو کي علاج لاءِ سول اسپتال گھوٽڪي آندو پئي ويو ته رستي ۾ نينگر دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو فوتي نينگر جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو نينگر جو لاش گھر ۾ پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ٻڌايو پئي وڃي ته 2 ڏينهن اڳ گهرو معاملي تان چاچي ۽ ڀائيٽي ۾ جھيڙو ٿيو هو جنهن تان نينگر ڪاوڙ ۾ اچي بندوق جو فائر ڪري خودڪشي ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.