سنجرچانگ ( ن پ ا) سنجرچانگ جي حد جي ٻن ملن ٽنڊو الهيار شوگر مل ۽ چمبڙ شوگر مل مان هڪ مل ٽنڊو الهيار شوگر مل جي چمني ٻاري دعا گهري وئي  چمني ٻارڻ جي خبر پوڻ کان پوءِ آبادگارن م خوشي جي لهر ڇائجي وئي. ان ڏس ۾ پنهنجي اخبار پاران ڪمند جي اگهه بابت پڇا ڪرڻ تي مل انتظاميا ٻڌايو ته ڪمند جي اگهه جي باري ۾ پڇا ڪئي وئي آهي ۽  ڪمند جو اگهه  250 روپيا رهندو جيستائين سنڌ حڪومت نئين اگهه جو اعلان نٿي ڪري تيستائين ساڳيو اگھ رهندو. ٻئي پاسي آبادگارن سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ويو ته  ٻوڏ سبب اسان  آبادگارن کي ڪافي نقصان رسيو آهي. ٻئي پاسي ڀاڻ ۽ مزدوري جا خرچ به ٻيڻا ٿي ويا آهن انهي ڪري آبادگارن مطالبو ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ 350 روپيا مقرر ڪيو وڃي ته اسان پنهنجو خرچ ڪڊي ٻوڏ سبب ٿيل نقصان کي پورو ڪري سگهون