تنگواڻي (ن پ ا ) ڪنڌڪوٽ جي پورهيت عبدالوحيد مري کي موٽرسائيڪل سوارن پاران کنڀي پوليس چوڪي ۾ باندي بڻائڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.ميانداد مري ٻڌايو ته ڀاءُ عبدالوحيد مري سعودي کان واپس آيل مائٽ کي مبارڪباد ڏيڻ وڃي رهيو هُو ته مانجهي چوڪي وٽ اهلڪار پريل ڏاهاڻي روڪي کيس گرفتار ڪيو. هنن الزام هڻندي چيو ته پوليس 3 لک رُشوت گهري، ڀاءُ سميت ڪنهن به فرد مٿان ڪا به اين سي داخل ڪونهي، رُشوت نه ڏيڻ جي صورت ۾ چاٻي چوري ڪيس ۾ ڦاسائڻ جي ڌمڪي ڏني،ايس ايچ او تنگواڻي رابطو ڪرڻ تي  ٻڌايو ته موٽرسائيڪل تي اهلڪار ۽ کنڀيل نوجوان جو معاملو منهنجي حد ۾ ناهي ٿيو، الزام هيٺ آيل اهلڪار پريل ڏاهاڻي موٽرسائيڪل تي ظاهر ئي ناهي ۽ موٽرسائيڪل سوار اهلڪار هُن جي حد جا به ناهن اجائي ذاتي مسئلن تي مون کي ۽ هُن جي حد کي ملوث ڪيو پيو وڃي.