شڪارپور ( رپورٽر) جي يو آءِ شڪارپور جي نگراني ھيٺ ” جمعيت ڪانفرنس” اڄ جھاز چوڪ تي ٿيندي، تياريون مڪمل، جي يو آءِ سربراھ ۽ پي ڊي ايم صدر مولانا فضل الرحمان مختلف علائقن کان آيل ڪارڪنن کي خطاب ڪندو،  جي يو آءِ ترجمان حافظ رفيق احمد چيو ته پيغام ” جمعيت ڪانفرنس ” جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جلسي کي مولانا فضل الرحمان، سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري، مولانا عبدالصمد ھاليجوي، مولانا راشد محمود سومرو سميت جي يو آءِ جا مرڪزي، صوبائي، توڙي ضلعي اڳواڻ خطاب ڪندا، شھر کي جي يو آءِ جي جھنڊن ۽ پينافليڪس سان سينگاريو ويو آهي، جلسي جو پنڊال شھر جي جھاز چوڪ کان وٺي رستم موڙ تائين ھوندو ۽ سول اسپتال جي ايمرجنسي لاءِ رستو کليل رھندو،هوڏانهن مولانا فضل الرحمان جلسي کان اڳ جتوئي ڀائرن اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر محمد ابراھيم جتوئي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير عابد حسين جتوئي سان ملاقات لاءِ جتوئي هائوس تي پھچندو، بلدياتي اليڪشن ۾ جي يو آءِ جي سياسي اتحادي جتوئي ڀائرن سان ملڻ مولانا فضل الرحمان جتوئي ھائوس شڪارپور پھچي جتوئي ڀائرن جي چانھن پارٽي ۾ شريڪ ٿيندو، جي يو آءِ قيادت ۽ جتوئي ڀائرن وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ شڪارپور ضلعي اندر ٿيل بلدياتي چونڊن ۾ ڪامياب اتحاد کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ايندڙ عام چونڊن ۾ به اتحاد بابت ڳالهه ٻولهه ٿيندي. هوڏانهن پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان جي شڪارپور دوري جي سيڪيورٽي لاءِ جيڪب آباد جي 115 اهلڪارن جي ڊيوٽي لڳائي وئي آهي. 2 ڊي ايس پيز، 15 سب انسپيڪٽرز سميت 115 اهلڪارن جي ڊيوٽي لڳائي وئي آهي.