ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ علي ٽائون واري علائقي واسي قدير هڪڙو جي زال  نگينه هتي دانهيو ته سندس مڙس ٻي شادي ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي ڀائرن ۽ ماءُ سان ملي کيس تشدد جو نشانو بڻائي گهران ڪڍي ڇڏيو آھي، هن چيو ته هنن 10 ورهين جي ڌيءُ زرمينا کي زبردستي پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو آھي، هن ٻڌايو ته مڙس طلاق ڏيڻ چاهي ٿو پر آئون ساڻس گڏ رهڻ چاهيان ٿي، هن چيو ته پوليس وٽ دانهيو آھي پر ڪو به تدارڪ نهي ٿيو، هن انصاف جي گهر ڪئي.