چيلهار (ن پ ا) چيلهار ويجهو بريڪ فيل ٿيڻ سبب جيپ ڪلٽي، 4 عورتن سميت 7 ڄڻا زخمي، خبر موجب جينجهير کان چيلهار ايندڙ جيپ ساھياڙو موڙ وٽ بريڪ فيل ٿيڻ سبب سامهون بيٺل ڪنڊيءَ سان ٽڪرائجي ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾  چئن عورتن ۽ ٻارڙي سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ جيپ ڊرائيور نيٻو، مهيش، ٻاٻان، جيران، ڪاجل، خديجان، پري ۽ ٻيا شامل آهن، زخمين کي بي ايچ يو سينٽر چيلهار آندو ويو،