ٽنڊوآدم (ن پ ا) ٽنڊوآدم ميونسپل ڪاميٽي جي چونڊن ۾  ن ليگ جي ٻن عورت اميدوارن سميت 6 عورتون به ميدان تي لٿل رپورٽ موجب ٽنڊوآدم ميونسپل ڪاميٽي جي 23 وارڊن لاءِ  250 مرد اميدوارن فارم ڀريا آھن انهن سان مقابلي لاءِ  4 وارڊن تان نواز ليگ جي ٻن عورت اميدوارن سميت 6 عورتون به ميدان تي لٿل آهن گڏ ڪيل معلومات موجب ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ نمبر 18 تي نواز ليگ جي سيما زال سڪندر خاصخيلي ۽ وارڊ نمبر 23 تي  نوازليگ جي زبيدھ زال جعفر علي  اميدوار آھن جڏهن ته  آزاد اميدوار طور وارڊ نمبر 8 مان انوري بيگم زال محمد شريف ، وارڊ نمبر 18 مان شازيه پروين ، وارڊ نمبر 19 مان 2 عورتون  امبرين زال شمشاد علي ۽  روزينه زال محمد آچر مرد اميدوارن سان مقابلي لاءِ ميدان ۾ لٿل  آهن ميونسپل جي تاريخ ۾  پھريو ڀيرو  ايترين عورتن چونڊ وڙهڻ لاءِ فارم ڀرايا آھن ماضي ۾ عورتون رڳو مخصوص سيٽن تي چونڊجي ميونسپل ڪميٽي جون ميمبر  ٿيون آهن .