احمدپور (ن پ ا) ڪنگري تعلقي جي يونين ڪائونسل لال بخش ڪانڌڙو تي بلدياتي اليڪشن ۾ بيٺل پيپلزپارٽي جو چيئرمين جو نامزد اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو آهي ميتلا برادري جي ماڻهن ۾ خوشيءَ جي لهر رپورٽ موجب ڪنگري تعلقي جي يونين ڪائونسل لال بخش ڪانڌڙو تي پيپلزپارٽي پاران نامزد ڪيل ميتلا برادري جو اميدوار نوجوان ظهور احمد ميتلو بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو آهي ڪنهن به سياسي  پارٽي توڙي آزاد حيثيت ۾ ساڻس مقابلي ۾ ڪنھن به فارم جمع نه ڪرايو جنهن ڪري هو بنا مقابلي يو سي چيئرمين چونڊجي ويو آهي جنهن ڪري ميتلا برادري جي ماڻهن ۾ خوشيءَ جي لهر ڇائنجي وئي ان ڏس ۾ پيپلزپارٽي جي بنا مقابلي ڪامياب ٿيل نوجوان ظهور احمد ميتلو چيو ته هو پيپلزپارٽي جو جيالو ڪارڪن آهي ميتلا برادري جي معزز شخصيتن پاران سندس نالي جي چونڊ ڪري پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ايم پي اي سيد محمد بچل شاھ ۽ پيپلزپارٽي جي ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه جيلاني کان يوسي چيئرمين جي ٽڪيٽ ورتي وئي هئي  ميتلا برادري جا ڄاڻايل يو سي ۾ تمام گهڻا ووٽ هجڻ ڪري شڪست جي خوف سبب سندس مقابلي ۾ ڪنھن به فارم جمع نه ڪرايو جنهن ڪري هو بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو آهي هن چيو ته دل وجان سان غريب عوام جي خدمت ڪندس .