ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم لڳ باهه لڳڻ سبب 3 پورهيتن جا گهر سامان سميت سڙي ويا، رپورٽ موجب ڳوٺ مولوي هارون ميرجت ڀرسان باهه لڳڻ سبب 3 پورهيتن شھباز کوهي مري ۽ سندس 2 پٽن صالح محمد ۽ رسول محمد جا گهر سڙي رک ٿي ويا، متاثرن موجب باهه سبب گهرن ۾ پيل 70 هزار روڪ رقم، هنڌ، کٽون ۽ ٻيو سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي، متاثرن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي.